اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ زمين اندر پاڻي تي ٽيڪس بابت عدالتي حڪم تحت پنجاب حڪومت جي پاڻي جي ميٽر ۽ نگراني لاءِ ڪئميرا لڳائڻ بابت تفصيلي رپورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتي. سپريم ڪورٽ ۾ زمين اندر پاڻي تي ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران جسٽس عمر عطا بنديال پاڻي جي معيار جو معائنو ڪرڻ لاءِ جوڙيل ڪميشن جي سربراهه ڊاڪٽر احسن صديقي کي مڪالمي ۾ چيو ته توهان اسان جو حڪم ڏٺو آهي، اسان ان حڪم کي لاڳو ٿيندي ڏسڻ چاهيون ٿا. هن ريمارڪس ڏنا ته عدالتي حڪم جي روشني ۾ پاڻي ٽيڪس تي ڪم شروع ڪيو وڃي، اهو بنيادي حق ۽ عام ڀلائي وارو ڪم آهي، جنهن تي ڊاڪٽر احسن صديقي چيو ته اسان چئني صوبن کي خط لکيا آهن، جڏهن ته پنجاب جي چيف سيڪريٽري کانسواءِ ڪنهن جواب ناهي ڏنو. ان تي جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته باقي ٽئي صوبا ان حوالي سان 2 ڏينهن اندر پنهنجا نمائندا چونڊن، اسان چاهيون ٿا ته ڪميٽي جا سڀ ميمبر گڏجي ڪم ڪن. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته سنڌ حڪومت هڪ ليٽر زمين هيٺ پاڻي تي هڪ رپيو ٽيڪس جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، اهو نوٽيفڪيشن منرل واٽر ڪمپنين لاءِ هيو، ڇا پيسا گڏ ٿيڻ شروع ٿيا آهن. ان تي عدالت ۾ موجود صوبائي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرلز ٻڌايو ته باقي صوبن به نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن. جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته عدالتي حڪم تحت 30 ڏينهن اندر پاڻي جا ميٽر لڳاڻا هئا، پنجاب حڪومت ڪيترا پاڻي جا ميٽر ۽ نگراني ڪندڙ ڪئميرائون لڳايون آهن، ان تي تفصيلي رپورٽ جمع ڪرايو. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب عدالت کي ٻڌايو ته پنجاب حڪومت پيسا گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. احسن صديقي ٻڌايو ته صنعتن جي زمين اندر پاڻي جي استعمال تي پاڻي ٽيڪس جي حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ ٻڌايو ته لاهور ۾ هڪ فائيو اسٽار هوٽل روزانو 24 لک ليٽر پاڻي استعمال ڪندو آهي، ايل ڊي اي پاڻي ٽيڪس جي حوالي سان سهڪار ناهي ڪري رهي. هن عدالت کان درخواست ڪئي ته صوبائي چيف سيڪريٽريز کي اسان سان سهڪار جا حڪم جاري ڪيا وڃن. جسٽس فيصل عرب ريمارڪس ڏنا ته صنعتن تي پاڻي ٽيڪس بدران جيڪڏهن شين تي ڊيوٽي لڳائي وڃي ته بهتر ٿي سگھي ٿو، ان سان صوبائي حڪومتن کي ميٽر به نه لڳائڻا پوندا، ان تي ڊاڪٽر احسن صديقي چيو ته مارچ جي آخر تائين شوگر ملن لاءِ فارمولا طئي ڪنداسين. ٻڌڻي دوران عدالت ۾ موجود قرشي انڊسٽري جي وڪيل تجويز ڏني ته سيلز ٽيڪس جيان پاڻي ٽيڪس لڳايو وڃي. احسن صديقي چيو ته جيڪڏهن شين تي ٽيڪس لڳائينداسين ته پاڻي جي زيان جي خبر نه پوندي، جنهن تي جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته منهنجو خيال آهي ته ميٽرنگ به لازمي آهي. هن ريمارڪس ڏنا ته منرل واٽر ۽ شربتن جي حوالي سان ڪم ته مڪمل ڪري وٺو. عدالت ۾ موجود ڊائريڪٽر جنرل ماحوليات چيو ته اسان کي منرل واٽر ۽ شربتن جي حوالي سان ڊيٽا گھرجي، جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته اهڙيون صنعتون، جنهن جو خام مال پاڻي آهي، انهن جي ڊيٽا پهريان گڏ ٿيڻ گھرجي. ان تي ڊاڪٽر احسن صديقي چيو ته اسان اپريل تائين ڪم پورو ڪري وٺنداسين، جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اسان توهان کي اپريل تائين وقت ڏيڻ چاهيون ٿا. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته حڪومتي ادارن جي ڪارڪردگي ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ انهن ۾ سهڪار جي کوٽ آهي، ايندڙ تاريخ تي پاڻي ٽيڪس گڏ ٿيڻ جي رپورٽ ملڻ گھرجي. جسٽس اعجاز الاحسن وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته سڀ کان وڌيڪ ڌيان واٽر ۽ شربتن جي صنعت تي ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن ڊاڪٽر احسن صديقي سان مڪالمي ۾ چيو ته توهان ٻڌائيندا ته پاڻي تي ميٽر ۽ ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳا آهن يا نه، پاڻي جي ڪوالٽي چيڪ ڪرڻ لاءِ ليب آهن يا نه؟ ان تي به توهان کي رپورٽ ڏيڻي آهي. ان تي ڊاڪٽر احسن صديقي چيو ته 50 سيڪڙو صنعتن ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳايا ويا آهن، جنهن تي ڊي جي ماحوليات چيو ته صنعتن جي ليب ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو لاڳاپيل معيار موجب نه آهن. جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته اسان کي پاڻي بچائيندي بچائيندي روزگار ختم ڪرڻ ناهي ڪرڻو پر آگاهي ته ڏيڻ گھرجي، پاڻي ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳڻ گھرجن. ٻڌڻي دوران عدالت ۾ موجود وفاقي حڪومت جي نمائندي چيو ته صنعتن کي ڪجهه معاملن تي خدشا آهن، ان تي احسن صديقي چيو ته صنعتن جو وڌيڪ خرچ اسان بچائينداسين، ان کانپوءِ سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.