زلزلي متاثرين جي امداد ۾ گهوٻين جو الزام: شهباز شريف خلاف برطانيه ۾ جاچ شروع

اسلام آباد: (بيورو)  پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف خلاف برطانيه ۾ جاچ شروع ٿي وئي آهي ۽ ان تي زلزلي متاثرين جي امداد ۾ گهوٻين جو الزام آهي.برطانيا جي مشهور ويب سائيٽ ڊيلي ميل موجب برطانوي شهري آفتاب محمود شهباز شريف جي لاءِ لکين پائونڊن جي مبينه مني لانڊرنگ جو اعتراف ڪيو آهي جنهن کان پوءِ اها معلومات ورتي پئي وڃي ته اڳوڻي وزيراعليٰ پنجاب جا اثاثا ڪيئن وڌيا. برطانيه جي صحافي ڊيوڊ روز هڪ آرٽيڪل شايع ڪيو آهي جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته برطانيا مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف خلاف مني لانڊرنگ جي الزامن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.شهباز شريف تي الزام آهي ته هن برطانيا طرفان پنجاب صوبي کي زلزلي متاثرن جي امداد لاءِ ڏنل 500 پائونڊ جي رقم ۾ مبينا خرد برد ڪئي ۽ مني لانڊرنگ ذريعي لکين پائونڊ برطانيا موڪليا. برطانوي اختيارين شهباز شريف جي حڪومتي دور ۾ ڏنل ڪروڙين پائونڊ جي امداد جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. برطانوي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ ڪرپشن ذريعي چورايل لکين پائونڊ برمنگهم منتقل ڪيا ويا جتان اها رقم شهباز شريف جي برطانوي بئنڪ اڪائونٽس ۾ منتقل ڪئي وئي. آرٽيڪل موجب شهباز شريف لاءِ لکين پائونڊ جي مبينا مني لانڊرنگ جو اعتراف آفتاب محمود ڪيو آهي.  زلزلي متاثرين جي امداد ۽ ٻين ذريعن کان ڪيل خرد برد جي رقم اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير زال، ٻارن ۽ ناٺي جي اڪائونٽن ۾ منتقل ڪئي.برطانوي اخبار موجب 2003 ۾ شريف خاندان جا اثاثا ڏيڍ لک پائونڊ هئا ۽ 2018 ۾ 20 ڪروڙ پائوند تائين پهچي ويا. جاچ موجب شريف خاندان جي دولت ۾ ڪيترائي دفعا اضافو ڏسڻ ۾ آيو پر اضافي جو واضح جواز پيش ناهي ڪيو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *