اسلام آباد (بيورو) زرعي ترقياتي بئينڪ طرفان 6328 اڪائونٽن جا 394.538 ملين رپيا (39 ڪروڙ 45 لکن کان وڌيڪ) جو قرض معاف ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. اسلام آباد ۾ سينيٽ جي ترقي يافتا علائقن واري فنڪشنل ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. زرعي ترقياتي بئينڪ جي اختيارين گھٽ ترقي يافتا علائقن ۾ قرضن جي ورهاڳي ۽ ريڪوري تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڊسمبر تائين 268859 ماڻهن کي 10337 ملين رپين جا قرض ڏنا ويا. اختيارين ٻڌايو ته ان دوران 12465 ملين رپيا ريڪوري ڪري چڪي آهي ۽ هن وقت 12413 ملين رپيا ڊيپازٽ آهن، زرعي بئينڪ جو مارڪ اپ ريٽ 13 سيڪڙو آهي، زرعي ترقياتي بئينڪ 6328 اڪائونٽن جا 394.538 ملين رپين جا قرض معاف ڪري ڇڏيا. ڪميٽي چيئرمين چيو ته ماضي ۾ سياسي بنيادن تي قرض ڏنا ويا ۽ معاف به ڪرايا ويا. سينيٽر عثمان ڪاڪڙ پڇيو ته ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن جا قرض معاف ڪيا ويا. ناڻي واري سيڪريٽري يونس ڍاگا جواب ڏنو ته اسان ايندڙ اجلاس ۾ ان جا سمورا تفصيل ڪميٽي کي پيش ڪنداسين.