اسلام آباد (بيورو) مسلم ليگ ن جي صدر ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته آصف علي زرداري ۽ عمران خان نيازي گڏجي به اسان تي ڀاري نه آهن، نواز شريف سان انصاف ضرور ٿيندو. اسلام آباد ۾ مسلم ليگ ن جي جنرل ڪائونسل اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته هي لمحو منهنجي زندگي لاءِ تمام گهڻو اهم اهي پر مشڪل مرحلو آهي، مون سميت پارٽي جو ڪو به ڪارڪن نواز شريف جي جاءِ نه ٿو وٺي سگهي، نواز شريف ڪالهه به اسان جو قائد هو ۽ هميشه رهندو. هن چيو ته پاڪستان جي خوشقسمتي آهي جو کين نواز شريف جهڙو قائد نصيب ٿيو ۽ نواز شريف قوم جو اهو اڳواڻ آهي جنهن کي قائد اعظم جو سياسي وارث قرار ڏئي سگهجي ٿو، جڏهن ته مسلم ليگ ن قائد اعظم ۽ علامه اقبال جي وارث پارٽي آهي. سندس چوڻ هو ته مان 30 سالن کان وڌيڪ نواز شريف کان رهنمائي حاصل ڪئي، ائٽمي ڌماڪن سان ملڪ کي ناقابل شڪست بڻائڻ واري قائد آمريڪا جي پنج ارب ڊالر جي آڇ رد ڪئي. شهباز شريف چيو ته دنيا ڄاڻي ٿي ته اسان جي ليڊر نواز شريف سان زيادتي ٿي آهي پر منهنجي دل چوي ٿي ته نواز شريف کي انصاف ضرور ملندو ۽ اهو ڏينهن ضرور ايندو جڏهن نواز شريف سان زيادتي جو ازالو ٿيندو. هن چيو ته ڪي پي جي عوام سان تبديلي جي نالي تي وڏو دوکو ڪيو ويو آهي.