لنڊن (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو اهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) 18هين ترميم ۽ ميثاق جمهوريت تحت ڳٺجوڙ ڪئي آصف علي زرداري سان ڪوبه اتحاد نه ٿيندو گذريل ڏ ينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پوئين ڀيري نگران حڪومت لاءِ ٻنهي جماعتن ڳٺجوڙ ڪئي حڪومت ڪنهن جي ٿيندي ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ ڪير هوندو انهن ٻنهي جماعتن پاڻ ۾ ڳٺجوڙ ڪئي تحريڪ انصاف جي سربراهه چيو ته نگران حڪومت جو مقصد صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻ هوندو آهي جڏهن ته سمورين پارٽين 2013 جي اليڪشن ۾ چيو ته ڌانڌلي ٿي سينيٽ چونڊن ۾ اميدوارن پاران مبينه طور تي رقم جي عيوض ووٽ ڏيڻ جي معاملي تي عمران خان چيو ته اصل مسئلو وڪرو ٿيندڙن جو آهي خريدڻ وارن جي ذميواري الڳ آهي هن چيو ته عوام کان ووٽ وٺي جن پاڻ کي نيلام ڪيو اصل زميوار اهي آهن هن چيو ته اسان پنهنجن ماڻهن خلاف ايڪشن ورتو ڇا ٻيون جماعتون به پنهنجن ماڻهن خلاف ايڪشن وٺنديون ڇا انهن ۾ اخلاقي جرئت آهي جيڪڏهن انهن ايڪشن نه ورتو ته ٻڌائي ڇڏيندس ته انهن جا ڪهڙا ماڻهو وڪامي ويا. ان مطابق اميدوار پهريون ڀيرو نه پر گذريل 30 سالن کان وڪامي رهيا اهن سمورين جماعتن جي سربراهن کي انهن ماڻهن جي وڪامڻ جو علم آهي هن چيو ته چوڌري سرور کي اپوزيشن ۽ اسان کي جوائنٽ ڪندڙ ميمبر (ن) ليگ به ووٽ ڏنا ان موقعي تي هن اعلان ڪيو ته 29 اپريل تي لاهور ۾ مدر آف آل جلسو ٿيندو ماڻهو ٿابت ڪندا ته اهي قانون جي بالادستي لاءِ بيٺا آهن عمران خان چيو ته سائيڪل ۽ رڪشا چور کي جيل ۾ وڌو وڃي ٿو جڏهن ته هتي 300 ارب رپيا ملڪ جو چوري ڪندڙ کي وزيراعظم 40 گاڏين جو پروٽوڪول ڏنو وڃي ٿو.