لاهور(م ڊ)وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان جو اڻ اعلانيل اتحاد ۽ لوٽا ڪريسي جو ڪو به مسقبل ناهي.سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئٽر تي ٽوئٽ ۾ خواجا سعد رفيق چيپ ته عوام سڀڪجهه ڏسي ۽ محسوس ڪري رهيو آهي. سياسي ٽمپرنگ ناڪام ٿي ويندي. هڪ ٻئي ٽوئٽ ۾ خواجا سعد رفيق چيو ته رزداري ۽ عمران خان جي اڻ اعلانيل اتحاد ۽ لوٽا ڪريسي جو ڪو به مستقبل ناهي.وفاقي وزير عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان ڪڏهن به صادق ۽ امين ناهي رهيو. بال ٽمپرنگ جو عادي عمران خان جعلسازي ڪرڻ کانسواءِ نٿو رهي سگهي.