زرداري جي نيب ڪيسن مان بريت ميثاق جمهوريت جي مڪ مڪا جو ثبوت آهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو): پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته زرداري کي نيب ڪيسز مان آزاد ڪيو ويو، ان جي مذمت ڪريان ٿو، پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته زرداري جي بريت ميثاق جمهوريت جي مڪ مڪا جو ثبوت آهي، هن چيو ته زرداري جي اربين رپين جي پراپرٽي ٻاهرين ملڪ پئي آهي،  هن چيو ته زرداري جي بريت خلاف سڄي قوم کي آواز اٿارڻ گهرجي، هن چيو ته اليڪشن اين اين 120 پاڪستانين جي لاءِ ٽيسٽ ڪيس آهي، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي هٿ هيٺ جي آءِ ٽي نه بڻجي ها ته نواز شريف به آزاد ٿي چڪو هجي ها،  هن چيو ته نيب ۾ ٽرائل جو چيو ويو ته جي ٽي روڊ تي معصوم بڻجي چوڻ لڳا مون کي ڇو ڪڍيو ويو؟، عمران خان چيو ته اين اي 120 جون چونڊون قانون جي بالادستي هونديون يا ڌاڙيل راڄ هونديون، جيستائين پئسو مني لانڊرنگ سان ٻاهر ويندو ته نوڪريون به ٻاهر ئي ملنديون، ياسين راشد جو مقابلو ڪلثوم نواز سان ناهي رياست سان آهي، مريم نواز چيف منسٽر هائوس ۾ ميٽنگ گهرائي، هن چيو ته رياست جا وسيلا استعمال ٿي رهيا آهن، اليڪشن ڪميشن ڇو نه ڏسي رهيو آهي؟، هن چيو ته پارٽي جو چيئرمين آهيان، مون کي چونڊ مهم ڪرڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي، آءِ جي پنجاب قوم جو پگهاردار آهي، شريف خاندان جو ناهي، آءِ جي پنجاب امن قائم نه ڪيو ته عدالتن ۾ گهلينداسين، هن چيو ته ڪهڙي بنياد تي اليڪشن ڪميشن قانون بڻايو آهي ته مان چونڊ مهم نٿو هلائي سگهان، اين اي 120، ايم اين ايز کي به چونڊ مهم هلائڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي، چونڊ مهم هلائڻ ڏني وڃي، ان لاءِ اسان عدالت ۾ به ويا آهيون، سپريم ڪورٽ نيب چيئرمين تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو هيو، جيستائين ادارا مضبوط نه ٿيندا، حقيقي جمهوريت نه ايندي، جنهن نيب تي سپريم ڪورٽ کي اعتماد ناهي، ان جا فيصلا ڪيئن مڃي وٺون؟، جمهوريت اندر سمورا ادارا ڪنهن کان ڊڪٽيشن ناهن وٺندا، عمران خان چيو ته اين اي 120 کان ٻاهر 8 سيپٽمبر تي لاهور ۾ جلسو ڪندس، مون وٽ سرڪاري عهدو ناهي، چونڊ مهم هلائڻ جي اجازت ڏني وڃي، اسان چاهيون ٿا ته ادارن کي مضبوط ڪيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *