زراعت کي سنڌ جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي حيثيت حاصل آهي، مان زراعت جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهيان؛وڏو وزير

ڪراچي (م ڊ) سنڌ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته زراعت کي سنڌ جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي حيثيت حاصل آهي، مان زراعت جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهيان، ان لاءِ مان زراعت ۽ آبپاشيءَ شعبن تي خاص ڌيان ڏئي رهيو آهيان. هن چيو ته منهنجي ڪوشش رهي آهي ته پڇڙيءَ جي آبادگارن تائين پاڻي پهچايو وڃي. هن چيو ته اسان جو آبپاشي نظام 1932ع وارو آهي. هن چيو ته منهنجي ڪوشش آهي ته ريگيوليٽر، پاڻيءَ جي ورهاست کي بهتر ڪرڻ ۽ تصديق ٿيل ٻج ترجيحي بنيادن تي فراهم ڪيا وڃن. هن اها ڳالهه اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ آبادگار بورڊ ۽ سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر جي نمائندن ملاقات ڪندي ڪئي. ملاقات ۾ ڊاڪٽر نديم قمر، مجيد نظاماڻي، محمد نواز شاهه، زاهد برڳڙي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌ جي زراعت واري شعبي جي ترقيءَ لاءِ بجيٽ 5.8 بلين رپيا آهي، آبادگارن اهو بجيٽ وڌائڻ جي تجويز ڏني. هنن چيو ته سنڌ حڪومت ک مشينري ڊسٽريبيوٽريز / ڪئنالن کي دروازا لڳائڻ گهرجن. آبادگارن وڌيڪ چيو ته ٻج پنجاب مان اچي پيو، سنڌ ۾ تحقيق تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي آبادگارن تجويزون ڏيندي چيو ته ليف بينڪ آئوٽ فال ڊرين جي ڀل صفائي ٿئڻ گهرجي. هنن چيو ته آبادگارن لاءِ ٽريڪٽر اسڪيم شروع ڪرڻ گهرجي ۽ ٽريڪٽر بليٽنگ ذريعي ڏنا وڃن. هنن تجويز ڏني ته ليسر ليولرس آبادگارن کي مهيا ڪيا وڃن، جيڪڏهن پريسيشن لينڊ ليولنگ ڪئي وڃي ته 20 سيڪڙو پاڻيءَ جي بچت ٿيندي. هنن چيو ته حڪومت کي زرعي قرض ڏيڻ گهرجي، حڪومت کي گهرجي ته ننڍ آبادگارن کي بنا وياج جي لون فراهم ڪري، وياج کان پاڪ لون آبادگارن کي سنڌ بينڪ ذريعي ڏنو وڃي. هنن تجويز ڏني ته آبادگارن لاءِ حڪومت کي فصل جي انشورنس اسڪيم شروع ڪرڻ گهرجي. آبادگارن چيو ته رائيٽ آف سکر کيرٿر، رائيس ڪينال ۽ دادو ڪينال جي بحاليءَ وارو ڪم جلد شروع ٿيڻ گهرجي. آبادگارن تجويز ڏيندي چيو ته آبادگارن کي سولر سسٽم جا ٽيوب ويل ڏيڻ گهرجن. هنن چيو ته بازارن ۾ نقلي دوائون ۽ ٻج موجود آهن ان جي روڪٿام تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي. سيد مراد علي شاهه چيو ته مان ايگريڪلچر پاليسي ڏيڻ چاهيان ٿو، ان لاءِ مان زراعت ۽ ايريگيشن تي خاص توجهه ڏئي رهيو آهيان. سيد مراد علي شاهه چيو ته زراعت کي سنڌ جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي حيثيت حاصل آهي، ان لاءِ مان زراعت ۽ ايريگيشن تي خاص ڌيان ڏئي رهيو آهيان. وڏي وزير چيو ته اينيمل فارمنگ تي اسان ڪم ڪري رهيا آهيون، اوهان (آبادگارن) جون تجويزون ان شعبي لاءِ اهم آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته وڏن آبادگان کي اينيمل فارمنگ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي، جنهن لاءِ اسان ڀرپور مدد ڪنداسين. هن چيو ته ايگريڪلچر مارڪيٽنگ سنڌ ۾ تمام وڏو مسئلو آهي، آبادگارن تجويز ڏني ته ان لاءِ صارفين جي مارڪيٽ بڻجڻ گهرجي، اها مارڪيٽ پهرين مرحلي ۾ ضلعي ۽ ٻئي مرحلي ۾ تعلقي ليول تي قائم ڪئي وڃي، ته جيئن انهن بازارن ۾ آبادگار پنهنجي پيداوار سڌوسنئون وڪرو ڪري سگهن. ان موقعي تي زارعت واري صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو ته 31976 واٽر ڪورس پڪا ڪري چڪا آهيون. هن چيو ته اسان سولر ٽيوب ويل به ڏيڻ چاهيون ٿا، جنهن ۾ سنڌ حڪومت سبسڊي فراهم ڪندي. هن چيو ته 900 ليسر ليول ورهائي چڪا آهيون ۽ وڌيڪ 400 ڏنا ويندا. هن چيو ته 28000 ٽريڪٽرز سنڌ حڪومت ڏنا آهن. هن چيو ته ڊرپ ايريگيشن جو 35240 ايڪڙن تي پروجيڪٽ شروع ڪري رهيا آهيون. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آبادگارن کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت بجيٽ ۾ ايگريڪلچر ۽ ايريگيشن سيڪٽر جي ترقيءَ لاءِ چڱي واڌ ڪندي. سيد مراد علي شاهه چيو ته ايگريڪلچر لون لاءِ مان سنڌ بينڪ سان اجلاس ڪندس. هن چيو ته سکر بئراج اپ اسٽريم تي جڏهن 115 ڪيوسڪ پاڻي هوندو آهي ته رائيٽ بينڪ جي ڪينال کي پاڻي ڏئي سگهجي ٿو. هن چيو ته مارڪيٽس ڪميٽين کي جلد فعال ڪيو ويندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ڪينال لائننگ تي 15 بلين رپيا خرچ ڪيا آهن. وڏي وزير چيو ته مان زراعت جي شعبي کي وڌائڻ چاهيان ٿو، زراعت وارو شعبو پوئتي رهجي ويو آهي، جنهن کي هر صورت ۾ بحال ڪيو ويندو، ان جي بحاليءَ ۾ اسان جي ڪاميابي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *