ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اطلاعات، پورهئي، ٽرانسپورٽ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه سان اڄ سندس آفيس ۾ پهرين بلوچي ٽي وي چينل جي سربراهه محمد احمد اقبال بلوچ سنڌي روزاني اخبار جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر عبدالجبار خٽڪ سان گڏ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ملاقات دوران شاعري واري مجموعي ”جي هان مين بلوچ هون“ جو تحفو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه کي پيش ڪيو ويو. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه محمد احمد اقبال بلوچ جي بلوچي زبان ۽ ثقافت جي حوالي سان ڪيل صحافت ۾ هڪ نئين رنگ ڍنگ سان بلوچي زبان جي ترقي لاءِ ٽي وي چينل جي شروعات جي خدمتن جي تعريف ڪندي کيس ساراهيو. هن چيو ته سموريون زبانون محبت ۽ اخوت جو درس ڏين ٿو. زبانون ئي سماج ۾ رابطي جو موثر ذريعو آهي. شعر، ادب ۽ صحافت ۾ سندس خدمتون قابل قدر آهن اڳتي به هو بلوچي زبان ۽ ثقافت جي حوالي سان مثبت سرگرميون جاري رکندو. جناب محمد احمد اقبال بلوچ پنهنجي ڪتاب جي حوالي سان شاعري مجموعي ۽ ٽائيٽل جي حوالي سان سندس ڀاڻيجي رشنا جي باري ۾ ٻڌايو ته ان جو ڪم لنڊن جي آرٽ گيلرين ۾ به زينت جو مقام رکن ٿيون. ان موقعي تي محمد ارسلا ڊرا بلوچ به موجود هو.