اسلام آباد( بيورو) قانون واري وزير زاهد حامد جي استعيفيٰ کانپوءِ حڪومت ۽ ڌرڻو هڻندڙن ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون، 6 نقاطي ٺاهه کانپوءِ اسلام آباد ۾ 20 ڏينهن کان هنيل ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. حڪومت ۽ ڌرڻو هڻندڙ قيادت ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن، حڪومت سان ٺاهه کانپوءِ ڌرڻو هڻندڙ اڳواڻن جي مجلس شوريٰ جو اجلاس ٿيو جيڪو ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رهيو. تحريڪ لبيڪ جي اڳواڻ خادم حسين حڪومت سان ٺاهه تي اڳواڻن کي اعتماد ۾ ورتو. حڪومت ۽ ڌرڻو هڻندڙ اڳواڻن ۾ 6 نقاطي ٺاهه ٿيو جنهن تي حڪومت طرفان وفاقي گهرو وزير احسن اقبال، گهرو سيڪريٽري ارشد مرزا ۽ تحريڪ لبيڪ طرفان خادم حسين رضوي، پير افضل قادري ۽ وحيد نور صحيحون ڪيون. ٺاهه ٿيڻ کانپوءِ ڌرڻو جلد ختم ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مظاهرين پنهنجو سامان گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڌرڻي جي چوڌاري مقرر ايف سي ۽ رينجرز جي نفري ۾ به گهٽتائي ڪئي وئي آهي. حڪومت ۽ ڌرڻو هڻندڙ ۾ ٿيل ٺاهه تهت مذهبي جماعت زاهد حامد خلاف ڪابه فتويٰ جاري نه ڪندي، راجا ظفر الحق ڪميٽي جي رپورٽ 30 ڏينهن اندر منظر عام تي آندي ويندي، ٽن ڏينهن تائين مذهبي تنظيم جي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويندو، ڌرڻي تي حڪومتي ايڪشن خلاف 30 ڏينهن اندر انڪوائري ڪري ذميوارن کي وائکو ڪيو ويندو، سرڪاري ۽ غير سرڪاري ملڪيتن کي نقصان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پوريون ڪنديون، مطالبن تي عملدرآمد جي صورت ۾ تحريڪ لبيڪ ڌرڻو ختم ڪري سڄي ملڪ ۾ ڪارڪنن کي پرامن رهڻ جي هدايت ڪندي. اهو ٺاهه آرمي چيف جي نمائندي ميجر جنرل فيض حميد جي ٽياڪڙي طئي ٿيو جنهن تي هن پاڻ به صحيح ڪئي. ٻي طرف سرڪاري ٽي وي موجب وفاقي وزير زاهد حامد بحراني ڪيفيت ختم ڪرڻ لاءِ وزارت تان رضاڪاراڻي طور پنهنجي استعيفيٰ شاهد خاقان عباسي کي موڪلي ڇڏي آهي.