”رڳو پاڪستان نه سڄي دنيا ۾ بجلي جو بريڪ ڊائون ٿيندو آهي: عمر ايوب

اسلام آباد (بيورو) توانائي بابت وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته بجلي جو بريڪ ڊائون رڳو پاڪستان ۾ ناهي ٿيو پر سڄي دنيا ۾ ائين ٿيندو آهي.اسلام آباد ۾ وفاقي وزير شبلي فراز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عمر ايوب چيو ته پاور پلانٽ جي سيفٽي سسٽمز پاڻ کي شٽ ڊائون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، گدو پاور پلانٽ مان 5 ڪي وي جا 3 سرڪٽ نڪرندا آهن، فالٽ جي خبر نٿي پئي، ڪوهيڙي سبب فالٽ ڳولڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، جاچ ڪئي پئي وڃي ته سسٽم ۾ فني خرابي ڇو آئي، وزيراعظم کي صورتحال کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم جلد بجلي بحالي جي هدايت ڪئي هئي.هن چيو ته بجلي جو بريڪ ڊائون رڳو پاڪستان ۾ ناهي ٿيو، سڄي دنيا ۾ ائين ٿيندو آهي، 2013 کان هيل تائين بجلي بريڪ ڊائون جا تقريبن 8 واقعا ٿي چڪا آهن، ن ليگ جي دور ۾ 18 کان ساڍا 18 هزار واٽ پهچ جو نظام هو، اسان جي حڪومت آئي ته ان وقت ٽرانسميشن تي ڪو ڪم نه هو، اسان بجلي جي پهچ نظام کي 23 کان 24 هزار ميگا واٽ تائين پهچايو، اسان هيل تائين 49 ارب ٽرانسميشن سسٽم تي لڳايا آهن، گذريل ٻن سالن دوران هڪ ڀيرو به ٽرپنگ نه آئي، لاهور کان مٽياري تائين نيون لائنون وڇائي رهيا آهيون.ان موقعي تي شبلي فراز چيو ته بجلي جي پيداواري نظام کانپوءِ سڀ کان اهم پهچ جو نظام آهي، بجلي جي پهچ جو نظام اپ ڊيٽڊ نه هجي ته مسئلا ٿي سگهن ٿا، ماضي ۾ بجلي جي پيداوار جا پلانٽ ته ٺهي ويا پر پهچ جو نظام برابري نٿو رکي، اسان جي حڪومت پهچ جي نظام تي ڌيان ڏئي رهي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *