ڪراچي (اين اين آءِ) ڊي جي پاڪستان رينجرز سنڌ ميجر جنرل محمد سعيد چيو آهي ته پاڪستان کي عالمي سطح تي بدنام ڪرڻ جون ڪوششون ناڪام ڪرڻ جي لاءِ سڄي قوم کي گڏجي ڪم ڪرڻون پوندو، عوام جي موثر ڪردار ڪيترن مسئلن جو بهترين حل آهي، ڪراچي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ رينجرز وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. اسان بهتر نموني سان ڪم ڪري رهيا آهيون ، ريجنرز نهنجي آئيني حدن کان وڌي ڪڏهن به ڪم ناهي ڪيو ان ڳالهه جي جاچ ٿيڻ گھرجي ته ڇا 1998 جي آدمشماري جا نتيجا سچائي تي ٻڌل هئا. ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ پي ايس پي جي معاملن سان جو سڌي طرح تعلق ناهي، سول سوسائيٽي کي معاشري مان ڏوهه ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻون پوندو، ميڊيا تي الزامن جو جواب ڏيڻ اسانجي پاليسي ناهي ميڊيا ڪراچي ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ اسانجو ساٿ ڏنو آهي. اهڙن خيالن جواظهار هن رينجرز هيڊڪوارٽر سنڌ ۾ مبشر مير جي اڳواڻي ۾ ملندڙ ڪراچي ليڊر ڪلب جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائندي ڪيو، و فد ۾ ڪراچي ايڊيٽرز ڪلب جو جنرل سيڪريٽري منظر نقوي، ڪرنل (ر) مختار بٽ، صلاح الدين حيدر، طاهر حسن خان ، آغا مسعود حسين، شير محمد کهاوڙ، امتيار فاران، مختار عاقل، ياسيمن مرزا، احمد ملڪ، نعيم الدين ۽ ٻيا شامل هئا. ميجر جنرل محمد سعيد چيو ته ڪراچي ۾ ڏوهن جي خاتمي جي لاءِ اسانجي ڪيترن ئي جوانن قربانيون ڏنيون آهن اسان 14 هزارجي فورس سان شاندار نتيجا ڏنا آهن شهر ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ رات ڏينهن ڪم ڪري رهيا آهيون، قانوني ادارن جي ڪارڪردگي سبب ڪراچي جاشهر اڄ ماضي جي ڀيٽ ۾ پاڻ کي محفوظ سمجھن ٿا، هن ڀتو خوري، اغوا جو وارداتون گھٽجي ويون آهن، جڏهن ته اسٽريٽ ڪرائم ختم ڪرڻ لاءِ اسان وٽ اختيار موجود ناهن پر ان جي باوجود گذريل سال جي ڀيٽ ۾اهي ڏوهه گھٽ ٿيا آهن هن ان حوالي سان انگ اکر به پيش ڪيا، هن چيو ته اهڙي قسم جون وارداتون سڄي دنيا ۾ ٿينديون آهن ۽ ڪجھه ملڪن م اسٽريٽ ڪرائيم جون وارداتون ڪراچي کان به وڌيڪ آهن. آمريڪا جھڙو ملڪ به هن وارداتن جي ور چڙهيل آهي. پوليس جوموثر نظام موجود هجڻ جي باوجود اتي روزانون اسٽريٽ ڪرائم جو سوين وارداتون ٿين ٿيون، جڏهن ته جيڪڏهن اسانکي اسٽريٽ ڪرائيم جو ختم ڪرڻ جو ٽاسڪ ملي ته بهتر نتيجا ڏينداسي، هن چيو ته پوليس جي ڀيٽ ۾ اسان جي اسنيپ چيڪنگ جو نظام وڌيڪ موثر آهي اسان ڪنهن کي به شهر ۾ هٿيار کڻي هلڻ جي اجازت نه ڏينداسي ، هن چيو ته ڪراچي ۾ آپريشن ۾ عوام جي همايت حآصل رهي آهي اسان جن علائقن ۾ به آپريشن ڪيا اتان جي عوام اسان سان سهڪار ڪيو ۽ ڪوششن کي ساراهيو آهي ڇو ته انهن علائقن جو عوام گھڻي وقت کان ڏوهارين کان تنگ هيو ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سياسي ۽ عسڪري قيادت جن نڪتن تي اتفاق ڪيو آهي ان تي عمل ٿيڻ سخت ضروري آهي، ميجر جنرل محمد سعيد هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ريجنرز پنهنجون آئيني حدون ڪڏهن به اورانگيون ناهن. شرجيل ميمڻ کي رينجرز نه پر نيب گرفتار ڪيو آهي پر تاثر اهڙو ڏنو ويو ته جيئن هي ڪاروائي رينجرز ڪئي آهي، رينجرز ٻين ادارن ايف آءِ اي، نيب۽ ڪسٽم کي آپريشنل مدد ڪري ٿي.، پر اسان ڪڏهن به انهن ادارن جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪئي آهي، ڊي جي رينجرز چيو ته اسان جو سياست سان ڪوئي تعلق ناهي، اسان جو هڪ ئي بنياد شهر ۾ امن قائم ڪرن آهي. ان ڏس ۾ اسانجي مختلف سياسي اڳواڻن سان ملاقاتون ٿينديون آهن، جڏهن ته ان کي سياسي رنگ ڏيڻ مناسب ناهي، ڪراچي ۾ ٿيندڙ ضمني چونڊن ۾ به اسان جو ڪردار سڀني جي سامهون آهي پر امن پولنگ جي لاءِ کنيل قدمن کي سموري سياسي جماعتن ساراهيو آهي ۽ ڪنهن به اسان تي سياسي جانبداري الزام ناهي لڳايو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايم ڪيو ايم جا يونٽ آفيس ڏوهن جي سرگرمين جي لاءِ استعمال ٿي رهيا هئا ان ڪري انهن کي بند ڪيو ويو آهي ۽ کولڻ جي اجازت نه ڏنئي وئي آهي ، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پرائيويٽ سيڪيورٽي ڪمپنين کي سڌارڻ جي ضرورت آهي انهنکي گھرجي ته اهي پنهنجي گارڊز کي اعليٰ تربيت ڏيارين ۽ سموري معلومات حاصل ٿيڻ کانپوءِ گارڊز ڀرتي ڪيا وڃن ڇو ته ڪيتريون وارداتن ۾ پرائيويٽ ڪمپني جا سيڪيورٽي گارڊ ملوث رهيا آهن. ميجر جنرل محمد سعيد چيو ته پاڪستان کي عالمي سطح تي بدنام ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، ملڪ دشمن جي سازشن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ اسانکي گڏجي ڪم ڪرڻون پوندو، اسان پاڪ ڀارت بارڊر تي پنهنجي ذميوارن کان غآفل ناهيون، هن چيو ته آدمشماري تي ڪجھه سياستدانن جا جيڪي تحفظات آهن مان سمجھان ٿو ته موجوده آدمشماري 1998 جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ شفاف هئي ۽ اسان ڪيترن ئي علائقن ۾ ڳڻپ ڪيل ماڻهن جي ري چيڪنگ به ڪ ئي آهي، انگن اکرن ۾ ڪوبه فرق آڏو ناهي آيو، رينجرز جو دائرو ڪراچيءَ کانسواءِ سنڌ جي ٻين شهرن تائين وڌائڻ جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ ڊي جي رينجرز چيو ته اڃا اسان جو مڪمل ڌيان ڪراچي تي آهي اسان شهر ۾ جٽادار امن چاهيون ٿا، جڏهن ته حڪومت چاهيندي ته اسان سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.