ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان رينجرز مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري ايم ڪيو ايم لنڊن جي ڪارڪنن سميت 4 ڏوهاري گرفتارڪري غير قانوني هٿيار هٿ ڪري ورتا رينجرز جي ترجمان موجب رينجرز شريف آباد جي علائقي مان ايم ڪيو ايم لنڊن جي عسڪري ونگ جو ڏوهاري غلام فريد عرب گدا کي گرفتار ڪيو جيڪسن جي علائقي ۾ رينجرز ٻن مختلف ڪارروائين ۾ لياري گينگ وار زاهد لاڏلا گروپ جو ڏوهاري عبدالقيوم ۽ اسٽريٽ ڪرمنل فراز احمد کي گرفتار ڪري ورتو سعودآباد جي علائقي ۾ رينجرز ڪارروائي ڪري منشيات فروش توقير عباس کي سوگهو ڪري ورتو ترجمان جوچوڻ آهي ته جوابدارن وٽان هٿيار، ايمونيشن ۽ ڦر ڪيل سامان بهمليو آهي سمورن جوابدارن کي ريجرز قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس جي حوالي ڪيو اهي.