ريلي تي فائرنگ ڪري 3 ڄڻن کي شهيد ڪرڻ واري واقعي جي خبر باهه جيان پکڙجي وئي

خيرپور؛ عشق مصطفي ريلي تي فائرنگ ڪري ۽ 3 ڄڻن کي شهيد 11 کي زخمي ڪرڻ واري واقعي جي خبر باهه جيان پکڙجي وئي، وڏي تعداد ۾ ميڊيا جا نمائيندا، اسڪائوٽس ۽ رضاڪار تنظيمن جا ڪارڪن، ديني، سياسي، سماجي، تنظيمن جا اڳواڻ سول اسپتال پهتا، هوڏانهن خيرپور جي ضلع چيئرمين شهريار خان وساڻ، فنڪشنل مسلم ليگ جي اڳواڻن، ڊاڪٽر پيارو خان ڦلپوٽو، حاجي امام بخش ڦلپوٽو، لک صوات ڪميٽي، سنڌ جي صدر محمد سليم فقير اويسي قادري، جيئي سنڌ جي اڳواڻ عثمان ميمڻ، مجيد ميمڻ، وائيس آف خيرپور جي اڳواڻ علي احمد ميمڻ، ۽ ٻين پنهنجا ڌار ڌار بيان جاري ڪري واقعي تي شديد ڏک جو اظهار ڪندي مسلمانن جي وچ ۾ اتحاد تي زور ڏنو آهي،     

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *