ريلوي ۾ سياسي مداخلت هجڻ سبب انقلاب نه آڻي سگهياسين: شيخ رشيد

لاهور(بيورو) وفاقي وزير شيخ رشيد احمد اعتراف ڪيو آهي ته ريلوي ۾ سياسي مداخلت هجڻ سبب اسان انقلاب نه آڻي سگهياسين.لاهور ۾ سي اي او ريلوي آفتاب اڪبر جي رٽائرمينٽ جي موقعي تي ڏنل آجياڻي ۾ خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته اسان درجنين نيون ٽرينون هلايون ۽ وڌيڪ ٽرينون به هلائينداسين. هن چيو ته ايم ايل ون منصوبو عمران خان جي اڳواڻي ۾ مڪمل ٿيندو. مال گاڏين جي تعداد وڌائينداسين ۽ ريلوي جي ذريعي پاڪستان جي برآمدات ۾ اضافو ڪنداسين.شيخ رشيد ان موقعي تي اهو به اعتراف ڪيو ته اسان ريلوي ۾ انقلاب نه آڻي سگهياسين ڇو ته هتي سياسي مداخلت تمام گهڻي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ برساتن جي ڪري سگنل سسٽم ختم ٿيو جنهن سان مسئلا پيدا ٿيا.هن چيو ته ريلوي ۾ ڪابه ڪرپشن ٿي ته هو پاڻ ان جو ذميوار هوندو ڇو ته وزير  کان بغير ڪرپشن ممڪن ئي ناهي. ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته ڪشمير جي جنگ اليڪٽرونڪ ميڊيا وڙهي آهي، ڪشمير مسئلي تي سڀني کي هڪ پليٽ فارم تي بيهڻ گهرجي. هن چيو ته لال حويلي جي ٻاهران ڪشمير ريلي ۾ ڪرنٽ لڳڻ کان پوءِ توانائي ۾ اضافو ٿي ويو آهي.ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪندي وفاقي وزير چيو ته چورن ۽ ڦورن کان جيڪڏهن آءِ ايم ايف ۽ ريڪوڊيڪ جي برابر رڪوري ٿئي ٿي ته انهن مان جان ڇڏائڻ گهرجي. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان ڪنهن کي به اين آر او نه ڏيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *