اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان ريلوي ملازمن جي مستقلي بابت ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته ريلوي جو نظام ڪرپٽ ٿي چڪو آهي، ان ۾ يا ته زندگيون وڃن ٿيون يا وري ڪروڙن جو نقصان ٿئي ٿو.سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ ريلوي ملازمن جي سروس مستقلي جي حوالي سان داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ ريلوي سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران چيف جيٽس ريلوي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان جي دور ۾ ريلوي جا ڪيترا حادثا ٿيا آهن، توهان کان ادارو نه پيو هلي، ڇڏي ڏيو ريلوي، تازو جيڪو نقصان ٿيو، ٻڌايو ان جي ذميواري ڪنهن جي آهي.ريلوي سيڪريٽري وراڻيو ته وفاقي ملازم آهي، ٻئي ڪنهن هنڌ هليو ويندس.چيف جسٽس چيو ته توهان سمجهو ٿا ڪرسي تي ويهي ڪم ڪيو، فيلڊ تي وڃي پنهنجي ملازمن کي ڏسو، ريلوي جو سسٽم ڪرپٽ ٿي چڪو آهي.چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ريلوي ۾ ڪُل ڪيترا ملازم آهن، جنهن تي سيڪريٽري ٻڌايو ته ريلوي ۾ 76 هزار ملازم آهن، 142 مسافر ٽرينون ۽ 120 گڊز ٽرينون هلي رهيون آهن، هن وقت ڪورونا سبب 43 مسافر ٽرينون فعال آهن.جسٽس گلزار احمد چيو توهان 76 ملازم رکيا آهن، ريلوي جو نظام هلائڻ لاءِ ته 10 هزار ڪافي آهن، توهان جون سڄيون فيڪٽريون ۽ ڪم بند پيو آهي ته ملازم ڇا ڪري رهيا آهن؟ريلوي سيڪريٽري ٻڌايو ته 6 نڪتن تي سڌارا ڪري رهيا آهيون، 76 هزار ملازمن جي ڪمپيوٽرائزڊ ڊيٽا ئي موجود ناهي.چيف جسٽس چيو اسان جي سامهون تقرير نه ڪيو، اسان کي سڀ خبر آهي ته ريلوي ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، ريلوي ۾ يا ته زندگيون وينديون آهن يا وري ناڻي کي ڪروڙن جو نقصان ٿيندو آهي.عدالت هڪ مهيني ۾ ريلوي بابت آپريشن ۽ ملازمن جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي.چيف جسٽس چيو ته اسان ريلوي سيڪريٽري جو بيان ٻڌو، ان مان بلڪل مطمئن ناهيون، ريلوي ۾ نااهل ماڻهو ڀريا پيا آهن ۽ ريلوي ملازم پاڻ پنهنجي کاتي سان وفادار ناهن.جسٽس گلزار احمد وڌيڪ چيو ته ريلوي آئي ڏينهن حادثن جو شڪار ٿيندي آهي، جنهن سان ڳرو جاني ۽ مالي نقصان ٿئي ٿو، ريلوي بنا دير سڌارن جو عمل شروع ڪري.