اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ غائب ماڻهن بابت ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته اسان اهڙي رياست ۾ رهون ٿا جيڪا اسلاميه جمهوريه سڏائي ٿي پر جيڪڏهن رياست پنهنجي ذميواري ۾ ناڪام ٿي وڃي ته ياد ڏيارڻ لاءِ ماڻهو اڳيان اچن ٿا سومر تي جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرن واري بئنچ غائب ماڻهن واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيو ته واضح ڪري چڪا آهيون ته ڪنهن جي خلاف ڪيس آهي ته قانون مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي ٻڌڻي دوران آمنه مسعود جنجوعا عدالت کي ٻڌايو ته غائب ماڻهو ڪميشن جا سربراهه وقت نه پيا ڏين ۽ پنهنجا دروازا ڄاڻي واڻي بند ڪري ڇڏيا آهن جسٽس اعجاز افضل چيو ته جڏهن عدالت آڏو ڪوئي مواد ئي نه هجي ته ڇا ٿو ڪري سگهجي. جنهن تي آمنه مسعود جنجوعا وضاحت پيش ڪئي ته غائب ماڻهو ڪميشن منهنجي رجسٽرڊ پوسٽ مان مليل درخواستون به واپس ڪري ڇڏيون هيون عدالت ريمارڪس ڏنا ته جيڪي درخواستون واپس ڪيون انهن جي تفصيل کان آگاهه ڪيو ۽ اهڙن ماڻهن جا حوصلا وڌائڻ گهرجن خانگي ٽي وي موجب آمنه مسعود عدالت کي ٻڌايو ته احسن اقبال کي معاملو اعليٰ سطح تي اٿارڻ گهرجي ۽ عائب مانحن جي مسئلن جي حل لاءِ پاليسي ڏيڻ گهرجي ٻڌڻي دوران سيڪريٽري غائب ماڻهو ڪميشن ٻڌايو ته 3 هزار ڪيس اڪلائي ڇڏيا آهن جڏهن ته 577 اڃا آهن جنهن تي جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ڪيس نه آهي ته حراست ۾ رکڻ جو ڪوئي جواز نه آهي.