رياست تي هڪ ٿنڀ قبضو ڪري ورتو آهي؛نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريش چيو آهي ته رياست تي هڪ ٿنڀ قبضو ڪري ورتو آهي ۽ اسان جو مقابلو پيپلزپاٽي يا پي ٽي آءِ سان نه آهي خلائقي مخلوق سان آهي خلائي مخلوق پنهنجي مرضي جي پارليامينٽ آڻڻ ۾ مصروف آهي هتي مغل بادشاهه جو دور نه آهي جو هر شئي هڪ هٿ ۾ هجي پارليامينٽ ۽ حڪومت جي رٽ ڪٿي آهي زرداري صاحب بيان نه ڏنو ته بريڪنگ ڪنهن جي چوڻ تي هلائي ڌرڻي بابت ڪيتريون ئي حقيقتون آهن جيڪي جلد منظرعام تي اچي وينديون. خميس تي احتساب عدالت ٻاران ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم آزاد صحافت واري ڏينهن تي پيغام ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ پريس جي آزادي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جڏهن ته اسان هميشه آزادي جي اظهار لاءِ آواز بلند ڪيو آهي ۽ هاڻي به ڪري رهيا آهيون هن چيو ته صحافت سان گڏوگڏ اسان کي گهٽو ڏيڻ جي به ڪوشش ڪئي پئي وڃي اسان جو مقابلو پيپلزپارٽي يا پي ٽي آءِ سان نه آهي پر خلائي مخلوق سان آهي خلائي مخلوق پنهنجي مرضي جي پارليامينٽ آڻڻ ۾ مصروف آهي ۽ راياست جا 3 ٿنڀ هوندا آهن جنهن تي هڪ ٿنڀ قبضو ڪري ورتو آهي هن چيو ته سڀ ڪجهه هجڻ جي باوجود منهنجي جماعت پارليمان ۾ قانون پاس ڪرائي مون کي پارٽي صدر بڻايو پر ان قانون کي اسٽرائڪ ڊائون ڪري مون کي پارٽي صدر تان هٽايو ويو ڇا هي عمل قانوني هو هتي مغل بادشاهي جو دور نه آهي جو هر شيرهڪ هٿ ۾ هجي ان جي هر ڳالهه نشر ٿي وڃي ٿي اسان جواب ڏيون ته نوازشريف چيو ته زرداري صاحب جو بيان مختلف چئنلن ۽ اخبار ۾ بريڪنگ طور آهي جيڪڏهن زرداري صاحب بيان نه ڏنو ته بريڪنگ ڪنهن جي چوڻ تي هلائي نوازشريف چيو ته اڄ پڇڻ چاهيون ته پارليامينٽ ۽ گورنمينٽ جي رٽ ڪٿي آهي جڏهن مون پارٽي صدارت تان ڪڍيو ويو ته اهو ڪهڙي قسم جو قانون هو نوازشيرف چيو ته نيب چئي رهيو آهي ته ان جو سج سڄي ملڪ ۾ چمڪي رهيو آهي جڏهن ته سنڌ ۾ ماڻهن کي ڇوٽ ڏني پئي وڃي 2014 جي ڌرڻي بابت هن چيو ته مون وٽ گهڻو ڪجهه آهي جيڪو اڃا منطرعام تي ناهي آيو ڌرڻي بابت ڪيتريون ئي حقيقتون آهن جيڪي منظرعام تي اچي وينديون. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته منهنجي سيني ۾ ڪافي راز آهن ظاهر ڪرڻ جي وقت کان اڳ ئي سڌري وڃو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *