روهڙي ۾ رينجرز جي مبينا مقابلي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا

روهڙي ( رپورٽر ) رينجرز روهڙي ۾ ڪارروائي ڪندي ٽن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. روهڙي ۾ رينجرز ڪارروائي ڪندي ٽن دهشتگردن کي ماري وڌو، سندن  قبضي مان آپگهاتي جيڪٽ به هٿ ڪئي وئي. رينجرز جي ترجمان موجب مقابلي وقت جوابدارن آپگهاتي جيڪٽس ذريعي پاڻ کي اڏائڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا ناڪام ٿي وئي. رينجرز بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪري آپگهاتي جيڪٽ ناڪاره بڻائي ڇڏي. ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *