روشن خيال نصاب ۽ تبديلي جي اُميد

January 31, 2017 at 11:28 pm

شوڪت لوهار

اها وقت جي ستم ظريفي چئجي يا حالتن جو  قهر آهي، جنهن زندگيءَ جي سفيني کي ڌڪي ۽ ڇڪي انهيءَ هنڌ آڻي بيهاريو آهي، جتي اڳيان باهه آهي ۽ پٺيان پاڻي.

اتهاس جي ساک سچي ۽ سيبتي ٿي ڀاسجي ۽ ڪن قومن جو شاندار ماضي ڪيئن اجاڙ کنڊر بڻيو ۽ سڀ سچ ٿو نظر اچي.

ڪرپشن جي شاندار رعايتي سيل مان فائدو وٺندڙ اسان اهڙي نهج تي اچي پهتا آهيون جتان واپسي نامڪن آهي ڪو به سڻائو واءُ ناهي، هر طرف گهگهه اونداهه انڌوڪار لڳي پيئي آهي. جيون بند گلي ۾ بيٺل هڪ هسيل هرڻي ٿو ڀاسجي. جهنگل جا سمورا جانور حضرت انسان جي هن الميئي تي محو حيرت آهن. شڪر ٿيو جو اسين انسان ڪو نه ٿياسون.

واچوڙن جي ڀنور ۾ ڦاٿل آهي ڪو به اهڙو مسيحائي هٿ ناهي، جيڪو آٿت بڻجي هن اوجهڙ ٻيڙ مان سندس جند آجي ڪرائي.

طبقاتي سرشتي ۽ اڏوهيءَ جي ور چڙهيل تعليمي نظام مان ڪهڙن مهمان هستين ۽ شخصيتن جو اُڀار ٿي سگهندو؟

اسان کي جڏهن شروع کان ئي اِهي سبق پڙهايا ويندا ته فلاڻي ماڻهو کي ننڍي هوندي کان ئي پڙهڻ جو شوق هو ٻيا ٻار پيا راند روند ڪندا هئا ۽ هو ويٺو پڙهندو هو. اڳتي هلي ان کي ”سر“ جو خطاب ايسٽ انڊيا ڪمپني طرفان ڪيئن مليو ۽ سائين سنڌ ۾ پنهنجي گادي ڪيئن پختي ڪئي ۽ ان کي ڪارپوريٽ ڪيئن بڻايو اهو سڀ ڪجهه پڇڻ ۽ ڪڇڻ جي اوهان ۾ جرئت ئي ڪانهي يا ان جي ماڳهين ڪٿي وضاحت ڪو نه آهي.

الف اعلان واري تقريب ۾ ملڪ جي وزيراعظم دقيانوسي سوچ کي ڌڪارڻ ۽ انهيءَ سوچ کان پاسو ڪرڻ جو چيو آهي. هائو اسان سڀ ائين ٿا چاهيون ته دقيانوسي، پراڻ پسندي ۽ خيالن جي ٺهيل قلعي وارو نصاب هاڻ گهٽ ۾ گهٽ تعليم جو حصو نه هجي پر ائين ڪٿي ٿيندو، جتي نصاب ۾ اهو پڙهايو ويندو هجي ته مغل بادشاهه سلامت ٽوپيون ٺاهي گذارو ڪندا هئا، ساڳي جاءِ تي اهو ڪٿي به لکيل ڪو نه آهي ته ٽوپيون ٺاهي ته گذارو ڪندا هئا پر پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڪنڌ ڪپڻ کان به ڪين ڪيٻائيندا هئا.

اسان وٽ نصاب ڪٿي آهي؟ اسان وٽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڪٿي آهي؟ اسين ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي صرف نالن مان واقف آهيون. سائنس جي ڪرشماسازي ۽ ٽيڪنالاجي جو فائدو ته اسان صرف بئنڪن تائين محدود رکيو آهي.

اسان وٽ سائنس جو مطلب آهي ميڻ بتيون ٺاهڻ ۽ تجربيگاهه ۾ ڪجهه مُئل نانگن کي برنين ۾ بند ڪرڻ، اسان وٽ ٽيڪنالاجي مطلب ڪو نئون موبائل آهي جيڪو ڪنهن ڪاموري يا ٿولهه جي ور چڙهيل وڏيري يا ڪنهن سرڪاري غنڊي جي هٿ ۾ هجي. اسان وٽ ٽيڪنالاجي مطلب رموٽ ڪنٽرول سان خودڪش ڌماڪو ڪرڻ، اسان وٽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي مطلب موبائل ڪمپنين ۽ انٽرنيٽ ڪمپنين کي پنهنجو رت وڪڻڻ اڳيان ڪجهه به نه.

گذريل پنجاهه سالن ۾ جيڪڏهن هڪ اڌ ماڻهو تيار به ٿيو ته ان پاڻ کي اسان مان آجو ڪرائي وڃي ڪنهن چڱي هنڌ پهچي باقي زندگي گذاري. باقي اسان وٽ مها سائنسدان واٽر ڪِٽ ٺاهي ناماچاري ڪڍڻ ۾ پورا آهن. نظرياتي مٺاڻ سان ڀريل اسان جو تعليمي نصاب گهٽ پر آپا زبيده جا ٽوٽڪا وڌيڪ آهن ڀلا اهڙي امتيازي تعليمي سرشتي ۽ نصاب مان توهان ڇا جي اُميد ڪري سگهو ٿا.

رياضي ۽ سائنس جي ميدان ۾ مسلمان سائنسدانن جي معرڪا فتح ڪيا، انهن جيڪي عالمي سطح جا ڪم سرانجام ڏنا انهن جي عملي ڪم بجاءِ خالي انهن جي سوانح لکڻ ۽ ٻڌائڻ سان شاگرد جي اندر ۾ ڪهڙي سلهاڙپ ۽ لڳاءُ پيدا ٿيندو.

ستين صدي عيسوي کان يارهين صدي عيسوي تائين مسلمانن جي عروج جا ڍڪ ته ڀريا وڃن ٿا پر امام غزالي (11-11-58: 10) کانپوءِ زوالي دور جو ذڪر ڪٿي آهي، ان جا ڪارڻ ڪهڙا هئا؟

انهيءَ سڄي سونهري دور ۾ مسلمان سائنسدان جن اذيت مان گذريا جن پيڙائن کي منهن ڏنو جيڪي جهير ۽ سختيون سٺيون انهن بابت نصاب ۾ ڪٿي جاءِ آهي؟ دنيا ۾ علمي دنيا ۾ يونين جو ڌاڪو ڄميل هو يونان ۽ رومه سلطنت جي اديبن جا ڪتاب بغداد جي بيت حڪمت (House of wisdom) ۾ سون جي برابر تور ۾ عربي ۾ ترجمو ٿيندا هئا. ارسطو ۽ افلاطون کي فارابي ۽ الڪندي کان وڌيڪ ڪي شارح ۽ مفسر ملي نه سگهيا آهن بعد ۾ جهڙي نموني فلسفي ۽ ٻين علمن جي ٽڪراءُ سان جيڪي تضاد پيدا ٿيا، انهن کي وقت جي قابل مفڪرن انڪاريو ۽ پنهنجي ننڍڙن مفادن خاطر پنهنجي آقائن جي چوڻ مطابق ڪن شين جي تشريح ڪيائون، جيڪا اڳتي هلي زهر قاتل بڻي ۽ زوال لاءِ رستو هموار ڪيائين.

اِهي قصا ڪٿي آهن جتي مسلمانن ئي مسلمان سائنسدانن کي مسجدن جي ٻاهران ٻڌي ٿڪون هڻڻ جا حڪم صادر ڪيا. خچرن جي مٿان سندن ڪتاب سٿي سندن ئي لکيل نسخن سان باهه ڏني ويئي اهڙين ڪئين سائنسدانن پنهنجي پنهنجي محبوب علائقن مان ڀڄي جان بچائي. اهي ڪتاب جڏهن اونداهي يورپ جي هٿ چڙهيا ته اُهي صدين جي ستل قوم ۾ ڪيئن نه جاڳرتا پيدا ٿي ويئي.

اڄ ڏينهن تائين اسان اهو فيصلو ڪو نه ڪري سگهيا آهيون ته ملڪ ۾ نصاب ڪهڙي ٻولي ۾ پڙهايو ويندو. اڄ ڏينهن تائين اسان علائقائي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڪو نه ڏنو آهي. ڪا به ٻولي پنهنجي جوهر ۾ سنڌي، پنجابي، پشتو، ڍاٽڪي، انگريزي، لاطيني نه ٿيندي آهي اهو ان سان هڪ رسمي لاڳاپو هوندو آهي. ظاهر آهي ته جتي ماڻهو هوندا ٻولي کي به اتان جي نالي سان منسوب ڪيو ويندو، پر اسان وٽ ويڇا ئي وقت وڃائي، ماڻهو ويڙهائي، ماڻهو هيسائي هڪ عجيب قسم جو ماحول بڻايو ويو آهي.

جنهن ملڪ ۾ پوليو جهڙي خطرناڪ بيماري کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندڙ رضاڪارن کي گوليون هنيون وينديون هجن، اُتي ڪهڙي نصاب جي ڳالهه ڪجي. نصاب اهو آهي جيڪو شاگرد جا چوڏها طبق روشن ڪري ڇڏي، اُن جي اندر ۾ تنقيدي سوچ معنيٰ ڇيد ڪرڻ سوچڻ سمجهڻ جي توانائي کي وڃي جاڳائي نه ڪي اِهو نصاب جيڪو نسل در نسل غلام پيدا ڪرڻ جو دستاويز هجي، نصاب اِهو آهي جيڪو ماڻهو کي ماڻهو جي شناس، قدر Values جي پرک ڏيئي. نصاب اهو هوندو آهي، جيڪو انڪار ڪرڻ جي سگهه پيدا ڪري نه ڪي توهم پرستي ۽ عقيدي سازي جي انڌي تقليد تي هلائي.

اسان وٽ نصاب انهيءَ معنيٰ ۾ ڪڏهن ٺهيو ئي ڪو نه آهي يا ڪڏهن ٺاهيو ئي نه ويو آهي. نصاب به تعليم جيان طبقاتي آهي. لاهور جي ايچيسن ڪاليج ۾ اهو نصاب پڙهايو وڃي ٿو جيڪو لنڊن جي ڪاليجن ۾ پڙهايو وڃي ٿو. اسن وٽ هڪڙن لاءِ کٽ هي کٽ آهي ٻين لاءِ Humpty dumpty sit on a wall اهڙين ڪالرا جهڙين حالتن ۾ ڪٿان اسين ويهي بين الاقوامي تعليمي سرشتي جو مقابلو ڪنداسين.

اسان وٽ مذهبي عبادتگاهن کي مسمار ڪندڙن کي نصاب ۾ هيرو ڪري پيش ڪيو ويو آهي اسان جي تاريخ هاءِ جيڪ ڪئي ويئي آهي بلڪه تاريخ ۽ جاگرافي جهڙن مضمونن ۽ فلسفي جي جبل جيڏن سوالن کان بچڻ لاءِ انهن تي ماڳهين چٻرا ويهاريا ويا آهن اسان کي سوال ڪرڻ سيکاريو ئي ڪو نه ويو آهي بلڪه اسان جو ماحول ئي اهڙو بڻايو ويو آهي، جتي سوال ڪرڻ تي سزا رکيل آهي. اسان کي مارڪيٽنگ سيکاري ويئي آهي. آءِ ٽي، ايم بي اي جي نالي تي دنيا جي منشي گيري ڪرائي پئي وڃي. اسان کي اکيون کولي نصاب تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي. نصاب کي تبديل ڪري ان کي مربوط سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻو پوندو نه ته اهڙي ڳڙ دارين آکاڻين سان ڪنهن عالمي سطح جي شخصيت ٺهڻ جي اُميد جو آسرو ڇڏي ڏيو ته بهتر ٿيندو.

****

اي پيپر