روس 60 آمريڪي سفارتڪارن کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ماسڪو ( م ڊ ) روس آمريڪا جي 60 سفارتڪارن کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم جاري ڪندي سينٽ پيٽرس برگ ۾ قائم آمريڪي قونصل خانو بند ڪري ڇڏيو آهي. روسي ميڊيا موجب پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو آهي ته آمريڪا مان 60 روسي سفارتڪارن جي ملڪ بدري بعد اسان به 60 آمريڪي سفارتڪارن کي ملڪ مان ڪڍي رهيا آهيون ان حوالي سان آمريڪي سفير کي پرڏيهي آفيس طلب ڪندي نوٽيس حوالي ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اهو قدم آمريڪا طرفان روسي سفارتڪارن جي ملڪ بدري خلاف جوابي ڪارروائي طور کنيو ويو آهي. سرگئي لاروف چيو ته ماسڪو سينٽ پيٽرس برگ ۾ موجود آمريڪي قونصل خاني کي بند ڪري رهيو آهي جهڙي نموني آمريڪا واشنگٽن ۾ روسي قونصل خانو بند ڪيو آهي. هن چيو ته اهڙي قسم جي ڪارروائي انهن ملڪن خلاف به ڪئي ويندي جن هلندڙ هفتي اسان جي سفارتڪارن کي ملڪ بدر ڪيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *