اسلام آباد (م ڊ): روس پاڪستان کي آزاد واپاري ٺاهه جي آڇ ڪئي آهي، جيڪا پاڪستان آڇ قبولڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ لاڳاپا بهتر بڻائڻ ام اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ذريعن موجب، روس پاڪستان سان آزاد واپاري ٺاهه ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن تي پاڪستان راضپو ظاهر ڪيو آهي، روس ايرويشين اڪنامڪ يونين سان آزاد واپاري ٺاهه ۾ به پاڪستان جي شامليت جي حمايت ڪئي آهي، جنهن سان واپاري ڪاٿو، ايڪسپورٽس ۽ ناڻي ۾ به واڌ ٿيندي، ذريعن جو چوڻ آهي ته روسي صدر ولادمير پيوٽن آستانه جي دوري جي موقعي تي ملاقات ۾ وزيراعظم کي گڏيل واپار جي آڇ ڪئي هئي، پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ٻه طرفو واپار 40 ڪروڙ ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي، ذريعن موجب، ان کان اڳ پاڪستان جو چين، سريلنڪا ۽ ملائشيا سان آزاد واپاري ٺاهه ٿيل آهي.