روس سان مضبوط فوجي لاڳاپا خطي جي سيڪيورٽي لاءِ بهتر ثابت ٿيندا: آرمي چيف

راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ مضبوط فوجي لاڳاپا خطي جي سيڪيورٽي تي بهتر اثر وجهندا، پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري اداري (آءِ ايس پي آر) مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان روس جي سفير جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ روسي سفير دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ساراهه ڪئي ۽ آپريشن “ردالفساد” جي پڻ ساراهه ڪئي، روسي سفير پاڪستان ۾ تازن ٿيل دهشتگرد حملن جي مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيد ٿيندڙن جي وارثن سان ڏک جي گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهيون، آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان مطابق جنرل قمر جاويد باجوا پاڪستان سان ٻطرفا لاڳاپن ۽ تعاون تي روس جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ مضبوط فوجي رابطا خطي جي سيڪيورٽي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *