رواداري جوائنٽ ايڪشن ڪميٽيءَ طرفان 23 نومبر تي حيدرآباد ۾ رواداري مارچ ۽ رات جي وقت مشعل بردار ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
حيدرآباد ۾ ايڇ آر سي پي جي ميزباني هيٺ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جو رواداري مارچ جي حوالي سان اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ پروفيسر امداد چانڊئي، سنڌو نواز گهانگهرو، عاليه بخشل، اقبال ملاح، امر سنڌو سميت ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران 23 نومبر تي حيدرآباد ۾ رواداري مارچ ۽ مشعل بردار ريلي ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 20 نومبر تي ڀِٽ ڌڻي ۽ شيخ اياز جي مزار تي به حاضري ڀري ويندي.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي فورن گرفتار ڪيو وڃي.
هنن چيو ته سنڌ جي وجود کي ميسارڻ لاءِ سنڌودرياهه جو پاڻي چوري ڪرڻ لاءِ منصوبا ترتيت ڏنا ويا آهن، سنڌ جو عوام سنڌو درياهه ۽ ماحوليات دشمن منصوبا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو.
اڳواڻن سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪندي چيو ته 23 نومبر تي حيدرآباد ۾ رٿيل رواداري مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪري خطري ۾ پيل سنڌ جي سيڪيولر جي حفاظت ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.