رنوير سنگهه فلم ”پدماوتي“ جي شوٽنگ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ لاس اينجلس روانو
November 11, 2017 at 6:48 amرپورٽ : ويب ڊيسڪ : ممبئي: بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه فلم ”پدماوتي“ جي شوٽنگ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ موڪلون گذارڻ لاءِ آمريڪي شهر لاس اينجلس روانو ٿي ويو. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار رنوير سنگهه فلم ”پدماوتي“ جي شوٽنگ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ لاس اينجلس ۾ موڪلون گذري رهيون آهن. سندس سوشل ميڊيا تي ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون ويون آهن، جن ۾ هو مڇين جي شڪار، گالف ۽ پارڪ ۾ ڀڄندي انجواءِ ڪري رهيو آهي.