ڪراچي: (م د) : سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران آءِ جي پوليس کي رمضان شريف جي مهيني ۾ ٽرئفڪ جي رواني کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ نظام ٺاهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته رمضان شريف ۾ ٽرئفڪ جام نه ٿيڻ گهرجي.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سڄي سنڌ جي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو ضلعي انتظاميا جي ذريعي کائڻ پيئڻ جي شين جي قيمتن تي نظر رکن. ضلعي انتظاميا کي پرائس ڪنٽرول جا اختيار ڏنا ويا آهن، ان لاءِ هاڻ پاڻمرادو قيمتون وڌڻ نه گهرجن.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه توانائي واري وزير کي هدايت ڪئي ته هو ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو کي رمضان شريف ۾ بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جا لاءِ هدايت ڪري. رمضان المبارڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽ ۾ گهٽ هجي. جڏهن ته سحري ۽ افطاري مهل لوڊشيڊنگ بلڪل به نه ٿيڻ گهرجي.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بلديات واري وزير کي هدايت ڪئي ته هو صوبي جي سڀني شهرن ۾ صفائي جي ڪمن کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻي.سنڌ جي وڏي سيد مراد علي شاهه چيو ته رمضان المبارڪ مسلمانن کي محبت، ٻڌي ۽ هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ جو سبق ڏئي ٿو. مسلمانن تي فرض آهي ته هو غريبن ۽ يتيمن جو خيال رکن ۽ مستحقن جي مدد ڪن.