رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ صرف سنڌ جي شهرن ڳوٺن جي بجلي بند ڪرڻ  تعصباڻو عمل آھي؛شاد کوسو

ڪراچي ( پ.ر ) سنڌ نيشنل پارٽي جي مرڪزي سينيئر وائيس چيئرمين پروفيسرسچل ڪلوڙ. جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مجاهد اعواڻ.پريس ترجمان احمد سومرو احمد سومرو ۽ ٻين سنڌ جي اڪثر علائقن ۾جاري لوڊشيڊنگ واري عمل جي مذمت ڪندي چيو ته  سخت گرمين واري موسم ۽ رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ صرف سنڌ جي شهرن ڳوٺن جي بجلي بند ڪرڻ  تعصباڻو عمل آھي. هنن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾  محڪمه بجلي ۾ وڏ کان وڌ  بجلي پيدا ڪندڙ سنڌ صوبو آھي. سنڌ مان تيار ٿيندڙ بجلي تي ٻين صوبن جو عوام عياشيون ڪري رهي آھي پر سنڌ جو عوام سخت گرمين ۾ هٿراڌو لوڊشيڊنگ جي عذاب ۾ ڦاٿل آھي. هنن وڌيڪ چيو ته وفاقي سرڪاري وسيلن جي ورهاست جيان بجلي جي ورهاست ۾ به سنڌ سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ پئي ڪري. سنڌين جي ووٽن تي چونڊيل پ پ جي سنڌ سرڪار وفاق آڏو سنڌ جو ڪيس پيش کان لنوائي رهي آھي. هنن چتاء ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ جاري لوڊشيڊنگ ڦوري بند ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو..پارٽي جي ميڊيا سيل تان پارٽي ترجمان احمد سومري جي جاري ڪيل  پڌرائي ۾ پڌرو ڪيو ويو آھي ته پارٽي چيئرمين شاد کوسو پارٽي جي اهم اڳواڻن سان صلاح مصلحت بعد پارٽي جي سينيئر اڳواڻ الطاف مهر کي پارٽي جو وائيس ڇيئرمين نامزد ڪري ڇڏيو. جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آھي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *