رمضان المبارڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (بيورو) رمضان المبارڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي عوام کي بي حال ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ريليف ڏيندڙ يوٽيلٽي اسٽور جا خالي پيل خانا حڪومتي دعوائن  تي چٿرون ڪري رهيا آهن.تفصيل موجب رمضان المبارڪ ۾ مهانگائي جو جن بوتل مان ٻاهر نڪري آيو آهي. وفاقي راڄڌاني اسلام آباد سميت ملڪ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.عام واهپي جي شين کان وٺي روزمره جي استعمال جي شين ۾ به ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب عوام وڌيڪ پريشان ٿي ويو آهي.رمضان المبارڪ جي برڪتن ڀرئي مهيني ۾ مهانگائي وڌڻ سبب عوام حڪومت مٿان ڇوهه ڇنڊيندي چيو آهي ته هن ڀلاري مهيني ۾ ته حڪومت کي عوام کي رليف ڏيڻ گهرجي ها پر رليف ته نه مليو ٻيڻو مهانگائي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي جنهن سبب عوام وڌيڪ پريشان ٿي وئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *