رمشا وساڻ جي قتل جو مک جوبدار زلفو وساڻ گرفتار

خيرپور (  رپورٽ: شاهد نواز سيال ) 13 ساله رمشا وساڻ جي قتل جو مک جوبدار ذولفقار عرف زلفو وساڻ   هٿيارن سميت گرفتار ، ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل جي هنگامي پريس ڪانفرنس ، جوبدار زلفو وساڻ علائقي ۾ دهشت جي علامت بڻيل هو،  ذولفقار وساڻ شاه لطيف يونورسٽي جي ڪلارڪ محمد امير تمبراڻي عبدالوهاب موريجو ، سميت ڪيترن ئي قتل ڪيس، ڦر ، ڌاڙو، مسافر ڪوچن مان ڦر سميت 22 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گهربل  هيو، جنهن تي سنڌ حڪومت طرفان پنج لک انعام مقرر ڪيل هو،  جوبدار ذولفقار وساڻ کي موبائل فون ٽريسنگ جي مدد سان ناري تعلقي مان ريڊ ڪري گرفتار ڪيو ويو،  خبر موجب پهرين فيبروري تي ڪوٽ ڏجي جي ڳوٺ  پير گڊو جي رهواسڻ   13 ساله نينگري رمشا وساڻ کي ڪارنهن الزام مڙهي بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو، جنهن جو مک جوبدار زولفقار عرف زلفو وساڻ کي  خيرپور پوليس گزريل رات موبائيل فون ٽريسنگ جي مدد سان ناري تعلقي ۾ هڪ جڳهه تي ڇاپو هڻي هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل، اي ايس پي سٽي ڊاڪٽر عمران خان گڏيل طور  پنهجي آفيس ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته  جوابدار ذولفقار وساڻ علائقي ۾ دهشت جي علامت بڻيل هو، ذولفقار وساڻ 20 سالن کان ڏوهن جي دنيا ۾ سرگرم رهيو ، ذولفقار وساڻ مٿان سنڌ حڪومت پاران 2011 ۾ 5 لک انعام مقرر ڪيو ويو هيو،  جڏهن ته ذولفقار وساڻ 2013 ۾شاه عبدالطيف يونيورسٽي جي ڪلارڪ  محمد امير تمبراڻي کي  بس مان لاهي سري عام ڪلاشن ڪوف جا برسٽ هڻي قتل ڪيو هو، جڏهن ته زلفو وساڻ 2013 جي جرنل اليڪشن دوران عبدالوهاب موريجو کي پڻ پولنگ اسٽيشن اندر گولين جو کاج بڻائي قتل ، جڏهن  جوبدار ذولفقار وساڻ  عبدالستار شنباڻي جي گهر مٿان راڪيٽ لانچرن سان حملو ڪري ڪيترائي ماڻهون زخمي ڪيا،  زلفو وساڻ  طاهر امتياز ڦلپوٽو، مدثر پٺاڻ، معشوق جاگيراڻي  تي الڳ الڳ حملا ڪري مٿن گوليون هلائي کين زخمي ڪيو،  زلفو وساڻ نيشنل هاءِ وي  جي مسافر ڪوچن مان مسافرن کي لاهي ڦر ڪرڻ، مسافرن کي زخمي ڪرڻ،  ڦرون، ڌاڙن سميت سنگين نوعيت جي 50 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ ملوث هيو، جڏهن ته 22 کان وڌيڪ ڪيس هن مٿان داخل ٿيل آهن،  ايس ايس پي خيرپور چيو ته زلفو وساڻ جي گرفتاري لاءِ مختلف پوليس پارٽيون اي ايس پي عمران خان جي اڳواڻي ۾ تشڪيل ڏنل هيون،  جن جي ڏينهن رات محنت سبب رمشا وساڻ قتل جو مک جوبدار زلفو وساڻ گرفتار ٿي سگهيو، آهي، جوبدار ابتدائي جاچ دوران رمشا وساڻ کي غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي،   ايس ايس پي عمر طفيل وڌيڪ چيو ته رمشا وساڻ واقعو انتهائي افسوس ناڪ واقعو آهي، هن ڪيس ۾ پوليس جوبدارن جو عدالتي ريمانڊ وٺڻ بعد جاچ اڳتي وڌائي ويندي، جڏهن ته رمشا وساڻ قتل ڪيس جي جوبدارن، سهولتڪارن کي هرگز بخش نه ڪبو، کين انجام تائين پهچايو ويندو،  

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *