اسلام آباد: (بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گورنر اسٽيٽ بئنڪ جي مقرري بابت مخالف ڌر جي اعتراضن جو جواب ڏيندي چيو آهي ته رضا باقر پاڪستان جو پٽ آهي ۽ گهٽ پگهار تي پاڪستان اچي رهيو آهي، رضا باقر ملڪ جي خدمت لاءِ گهٽ پگهار تي آيو آهي. هن چيو ته رضا باقر کي سندس اهليت جي بنياد تي اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر مقرر ڪيو ويو آهي.سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ڏيڻ اسان جي آئيني ذميواري آهي، آرٽيڪل 160 واضح آهي ته هر پنجن سالن بعد اين ايف سي ايوارڊ اچڻ گهرجي، اين ايف سي ايوارڊ ايندو ۽ بهتر ايندو. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ايوارڊ بابت ڊاڪٽر صاحب جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل ڪميٽي ڪو ڪم نه ڪري سگهي، سڀ کان وڌيڪ ذميوار سنڌ سرڪار آهي، سوچڻ جي ڳالهه آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف وٽ ڇو ويو؟ هن چيو ته ميڪرو اڪنامڪ جي عدم توازن سبب اسان کي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پئجي ويو، صوبائي حڪومتن پنهنجا اميدوار نامزد ڪيا، صوبائي حڪومتن اين ايف ايوارڊ لاءِ نامزدگي ڏيڻ ۾ دير ڪئي.سندس چوڻ هو ته جڏهن پ پ جي حڪومت ايندي آهي ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو آهي، سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر مشتاق اين ايف سي ايوارڊ ببات جواب ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته مان اين ايف سي ايوارڊ جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، آءِ ايم ايف تي به، چيو پيو وڃي ته آءِ ايم ايف جي چوڻ تي حفيظ شيخ کي لڳايو ويو آهي. هن چيو ته ڇا پ پ به حفيظ شيخ کي آءِ ايم ايف جي چوڻ تي لڳايو، 10 سال معيشت جا ترا ڪڍندڙ ڪير آهن، هاٿي جا ڏند کائڻ جا هڪ ۽ ڏيکارڻ جا ٻيا هوندا آهن، ڪيترا ڀيرا آءِ ايم ايف وٽ وياسين اها به عوام کي خبر آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ ون يونٽ طرف نه وڃي رهيو آهي، ڪو به صدارتي نظام نه اچي رهيو آهي، پاڪستان جي ائٽمي پروگرام کي ڪو به خطرو ناهي، واضح چئي رهيا آهيون، پاڪستان جي نيو ڪليئر اثاثن کي ڪو خطرو ناهي، پاڪستان جي ائٽمي پروگرام تي اتفاق راءِ آهي ۽ رهندو.شاهه محمود قريشي چيو ته توهان معيشت جو جنازو ڪڍي ويا. هن چيو ته آءِ ايم ايف ڪنهن کي دعوت ناهي ڏيندو. جڏهن ته حالات ان وٽ وٺي وڃڻ تي مجبور ڪندا اهن. 10 سالن ۾ ملڪ جي معيشت جي ڪنهن ڪنهن نقصان پهچايو اهو سڀني کي خبر آهي.