اسلام آباد(بيورو) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌي ن ليگي اڳواڻ راڻا مشهود جي بيان تي رد عمل ۾ چيو آهي ته هن کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون، هن کان زمينن تي قبضن بابت پڇيو وڃي، ٿاڻيدار ۽ لوٽن بابت پڇيو وڃي، راڻا مشهود جي ڪجهه به چوڻ سان ڪو فرق نٿو پوي. پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا مشهود دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ 2 مهينا ڏاڍا اهم آهن ۽ پنجاب ۾ اسان جي حڪومت هوندي، هن چيو ته ايندڙ 2 اڍائي مهينا اهم آهن ان دوران ننڍي چونڊ به ٿيڻي آهي، عدالت يا عوام جي ذريعي موجوده حڪومت جو خاتمو ٿيڻو آهي. اسلام آباد ۾ سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌي ۽ منصوبا بندي واري وفاقي وزير خسرو بختيار پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ ن ليگي اڳواڻ جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪيو. فواد چوڌري چيو ته راڻا مشهود کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون. هن چيو ته راڻا مشهود جي چوڻ سان ڪو به فرق نه پوندو. هن چيو ته اسحاق ڊار جي اثاثن جي نيلامي جو وڏو فيصلو آيو آهي، حڪومت اُهو ئي ڪندي جيڪو چورن سان ٿيندو آهي، اهو عوام جو پيسو هو کين واپس ڏنو ويندو. وفاقي وزير چيو ته نان فائلرز کي ملڪيت ۽ گاڏين جي سهولت سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ آهي جڏهن ته نان فائلرز خلاف ايف بي آر ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. پريس ڪانفرنس ۾ وفاقي وزير چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ واڌ نه پيئ ڪئي وڃي جڏهن ته اي سي سي اجلاس ۾ بجلي جون قيمتون نه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. فواد چوڌير چيو ته بجلي جي اگهن ۾ ڦيرڦار آڊيٽر جنرل جي رپورٽ اچڻ بعد ڪئي ويندي. ان موقعي تي منصوبابندي واري وفاقي وزير خسرو بختياري چيو ته سي پيڪ ۾ ٽئين ملڪ جي سيڙپڪاري سعودي عرب تائين محدود ناهي پر ان ۾ ٻيا ملڪ به اچي سيڙپڪاري ڪن. هن چيو ته گذريل 30 سالن ۾ من پسند سياسي منصوبا لڳايا ويا ۽ 583 ارب رپين جو گردشي قرض هو جيڪو هن وقت 1 کرب 2 سئو ارب ٿي چڪو آهي. خسرو بختيار چيو ته 22 ڪروڙ عوام کان 70 هزار ٽيڪس ادا ڪندو آهي، هن وقت ملڪ تي 28 هزار ارب رپيا قرض آهي پر ڪوڙي جي ڊي پي تيار ڪئي وئي