اسلام آباد ( بيورو ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف راڻا مشهود جي بيان بابت صحافي جي سوال تي ناراض ٿي ويو. احستاب عدالت آمد تي مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسمبلي ۾ مخالف ڌر ليڊر شهباز شريف کان صحافين راڻا مشهود جي بيان تي سوال ڪيا. جنهن ن ليگ جي صدر شهباز شريف چيو تھ راڻا مشهود جي بيان تي پارٽي موقف ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن تي کيس غير زميواراڻي بيان تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويندو. هڪ صحافي جي سوال تي ڇا ڪا ڊيل ٿي آهي؟ جواب ۾ شهباز شريف ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان توهان اهڙي ڳالهه ڪيو جنهن جو مقصد هجي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهه ٻولهه ڪندي راڻا مشهود دعويٰ ڪئي هئي ته اسٽيبلشمنٽ سان ن ليگ جا معاملا ڪافي حد تائين ٺيڪ ٿي ويا آهن ۽ ادارن جي ٿِنڪ ٽينڪ حڪمرانن کي ڪامياب ڪرائي پڇتائي پئي، پنجاب ۾ ن ليگ جي حڪومت هوندي ۽ شهباز شريف وزيراعظم لاءِ بهترين چوائس آهي.