راڻا ثناءُ الله جي پنجاب حڪومت ڪيرائڻ لاءِ رابطن جي تصديق

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ راڻا ثناءُ الله ق ليگ سان رابطن جي تصديق ڪري ڇڏي.خانگي ٽي وي چينل ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله دعويٰ ڪئي ته پاڻ تحريڪا نصاف جي اندر به پنجاب ۾ عثمان بوزدار جي حڪومت جي تبديلي جي خواهش موجود آهي ۽ ق ليگ پنهنجي اتحادي کان شڪايتون آهن.هن چيو ته ن ليگ جمهوري ۽ پارليماني طريقو اختيار ڪري پنجاب حڪومت کي ڪيرائڻ چاهي ٿي جيڪڏهن ق ليگ تحريڪ انصاف جي اتحاد مان ٻاهر ايندي آهي ته پوءِ ان حوالي سان ان کي گڏائڻ جي باري ۾ سوچيو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *