راحيل شريف اتحادي فورس جي سربراهي جي لاءِ ذاتي حيثيت ۾ ويو: سرتاج عزيز

اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته جنرل (ر) راحيل شريف کي سرڪاري طور تي ناهي موڪليو ويو هو اسلامي اتحاد فورس جي سربراهي جي لاءِ ذاتي حيثيت ۾ ويو. سعودي عرب ۽ قطر تڪرار تي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته پاڪستان نار ملڪن جي تڪرار ۾ غير جانبدار جي پاليسي جو ڪاربند آهي. پاڪستان قطر سعودي تڪرار ۾ غير جانبدار پاليسي تي قائم آهي. پرڏيهي صلاحڪار چيو ته پاڪستان ڪنهن ٻئي جي مسئلي ۾ ٽنگ نه اڙائيندو. يمن سعودي تڪرار تي پارلياماني ٺهراءَ پاڪستنا جي پاليسي جو بنيادي نڪتو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *