ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي گهرو وزير سهيل انور سيال جو چوڻ آهي ته رائو انوار کي خدشن هئا ته آءِ جي کي ٻڌائڻ گهرجي ها. مون رائو انوار کي خدشا ختم ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي. تفصيل موجب اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار جي گرفتاري کان پوءِ سنڌ جي گهرو وزير سهيل انور سيال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رائو انوار کي سندس خدشا ختم ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي. هن چيو ته رائو انوار جي خدشن تي جاچ ڪميٽي ۾ تبديلي لاءِ ڪيترائي ڀيرا چيو. سپريم ڪورٽ پوليس جي ڪميٽي بڻائي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ ڪيس اڳتي هلندو. سهيل انور سيال جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت سان جيڪو سهڪار گهربل هوندو اهو ڪنداسين. گهرو وزير طور هر شهري جي سيڪيورٽي منهنجو فرض آهي.