رائو انوار سپريم ڪورٽ جي حڪم تي نيٺ گرفتار،عدالت ۾ پيش، جي آءِ ٽي قائم

اسلام آباد(بيورو) نقيب الله قتل ڪيس ۾ نامزد معطل ايس ايس پي ملير رائو انوار سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو جنهن بعد عدالت جي حڪم تي کيس عدالت جي اڱڻ مان گرفتار ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ نقيب الله قتل ڪيس ۾ نامزد معطل ايس ايس پي رائو انوار کي ڪيترائي ڀيرا طلب ڪيو هو پر ان جي باوجود به هو عدالت ۾ پيش نه ٿيو. گذريل ڏينهن چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا هئا ته جيڪڏهن رائو انوار جو ڪو به سهولتڪار نڪتو ته سخت ڪارروائي ٿيندي. سپريم ڪورٽ ۾ نقيب ڪيس جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ رائو انوار اڄ رائو انوار کي طلب ڪيو ويو هو جنهن تي هو عدالت ۾ پيش ٿيو. معطل ايس ايس پي رائو انوار کي پوليس جي ڳري نفري ۾ اچتو سپريم ڪورٽ آندو ويو جڏهن ته هن منهن تي ماسڪ پائي رکيو هو. رائو انوار کي اڇي رنگ جي گاڏي ۾ سپريم ڪورٽ آندو ويو ۽ ان موقعي تي عدالت ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ ۾ نقيب قتل ڪيس جي ٻڌڻي جي شروعات ۾ ئي رائو انوار جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته اسان عدالت جي سامهون سرنڊر ڪري ڇڏيو آهي. ان تي چيف جسٽس چيو ته توهان قانون جي سامهون سرنڊر ڪري اسان تي ڪو به احسان ناهي ڪيو. چيف جسٽس معطل ايس ايس پي سان مڪالمو ڪندي چيو ته جنهن دليري سان توهان رهي رهيا هئا ۽ جيڪي خط توهان لکيا انهن تي حيرت ٿي، جيڪي خط لکيا ويا انهن جو تاثر درست ناهي. جسٽس ثاقب نثار رائو انوار کان پڇاڻو ڪيو ته توهان ايترا ڏينهن ڪٿي هئا؟ ڇو نه پيش ٿيا؟ اسان جڏهن موقعو ڏنو ته توهان سرنڊر ڇو نه ڪيو. ان تي رائو انوار عدالت جي سامهون خاموش بيٺل رهيو ۽ هن ڪو به جواب نه ڏنو.  رائو انوار جي وڪيل جواب ڏنو ته سندس اصيل حفاظتي ضمانت چاهي ٿو جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان ڪا به حفاظتي ضمانت نه ڏينداسين ۽ گرفتاري جا حڪم جاري ڪري رهيا آهيون. جسٽس ثاقب نثار چيو ته اسان ڪميٽي بڻائي رهيا آهيون، رائو انوار کي جيڪو ڪجهه چوڻو آهي ته ان جي سامهون چوي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته توهان ايترا دلير ٿي ويا، عدالت جي سامهون سرنڊر نه ڪيو، مهلت ڏني پوءِ به نه آيا، عدالت آءِ جي سنڌ کان انڪوائري ڪميٽي جي ميمبرن جي تفصيل به طلب ڪئي. رائو انوار جي وڪيل چيو ته کيس سنڌ پوليس سان اختلاف آهي ڇو ته پوليس ان جي مخالف ٿي وئي آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪيئن پوليس توهان جي مخالف ٿي وئي آهي، توهان ان پوليس جا ملازم آهيو ۽ اها ئي پوليس توهان جي مخالف ٿي وئي. معطل ايس ايس پي جي وڪيل اپيل ڪئي ته ڪميٽي ۾ ايجنسين کي شامل ڪيو وڃي، ان تي چيف جسٽس سوال ڪيو ته ڪهڙي ايجنسي کي شامل ڪيو وڃي؟ رائو انوار جي وڪيل چيو ته آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي کي ڪميٽي ۾ شامل ڪيو وڃي، ان تي چيف جسٽس چيو ته اهو ڪيس سڌو سڌو آهي ان جو جاچ سان ڪهڙو تعلق؟ مون کي خبر آهي ته توهان ڪهڙي سبب جي ڪري اهو چئي رهيا آهيو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته عدالتون آزاد آهن ۽ ڪنهن جو اثر هيٺ ناهن اينديون. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ۾ 10 منٽن جو وقفو ڪيو ۽ وقفي بعد هڪ ڀيرو ٻيهر ٻڌڻي جو آغاز ڪندي رائو انوار جا بينڪ اڪائونٽ بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت رائو انوار جي وڪيل طرفان جاچ جي لاءِ جي آءِ ٽي ۾ ڳجهن ادارن جي نمائندن کي شامل ڪرڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. عدالت ايڊيشنل آءِ جي سنڌ آفتاب پٺاڻ جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي به جوڙي ڇڏي جنهن ۾ چار اعليٰ پوليس آفيسر ولي الله دل، آزاد خان، ذوالفقار لاڙڪ ۽ ڊاڪٽر رضوان کي شامل ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ رائو انوار جي توهين عدالت جو نوٽيس خارج ڪري ڇڏيو ۽ سندس نالو اي سي ايل ۾ برقرار رکيو آهي جڏهن ته معطل ايس ايس پي کي گرفتاري جا حڪم  نقيب الله قتل ڪيس ۾ جاري ڪيا ويا. چيف جسٽس چيو ته رائو انوار جي ڪيس جي جاچ آزاداڻي هوندي، ڪيس کي ڪراچي ٽرانسفر ڪيو وڃي جڏهن ته ڪنهن طرح جي عدالتي آبزرويشن ان ڪيس کي متاثر نه ڪندي.  ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي نقيب الله جا بزرگ عدالت ۾ موجود هئا. چيف جسٽس انهن کي چيو ته خاطري ڪرايو ته محسود قبيلي طرفان رائو انوار جي سر کي ڪو به نقصان نه پهچايو ويندو. عدالت نقيب الله جي وارثن کان رائو انوار کي نقصان نه رسائڻ جي لاءِ حلف به ورتو. جسٽس ثاقب نثار چيو ته جاچ ٿيڻ تائين رائو انوار کي حفاظت ۾ رکيو وڃي، هو جيستائين سنڌ پوليس ۾ حراست ۾ آهي ان جي حفاظت پوليس جي ذميواري آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *