رائو انوار سميت 16 جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سمورن ادارن کان مدد طلب

ڪراچي (م ڊ)  سنڌ پوليس سپريم ڪورٽ جي حڪم تي نقيب الله محسود قتل ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار سميت 16 جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سمورن ادارن کان مدد طلب ڪري ورتي آهي. پوليس ذريعن موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وفاقي گهرو وزارت، سمورن صوبائي گهرو سيڪريٽرين ۽ چئني صوبن سميت ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي آءِ جيز کي خط لکيا ويا آهن. سنڌ پوليس طرفان ايف آءِ اي، ايف سي ۽ ٻين ايجنسين کان به مدد طلب ڪئي وئي آهي. پوليس ذريعن موجب سمورن جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ ايف آءِ اي کي به خط لکيو ويو آهي.  پوليس ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سمورن کاتن جي گرفتاري ۾ مدد ڏيڻ جو چيو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *