رائو انوار جي گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ وارو معاملو. گهرو سيڪريٽري کي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت

ڪراچي(م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گهرو سيڪريٽري کي ايندڙ ٻڌڻي تي نقيب الله محسود قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدار رائو انوار جي گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ بابت لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نقيب الله قتل ڪيس ۾ رائو انوار جي گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي. گهرو سيڪريٽري کي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته جواب نه آيو موجود ريڪارڊ موجب فيصلو ٻڌائينداسين. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي 20 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.  رائو انواز جي گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ لاءِ گهرو سيڪريٽري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو.  رائو انوار جي گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ خلاف نقيب الله محسود جي والد درخواست داخل ڪئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *