اسلام آباد (بيورو) سنڌ جي نامزد گورنر محمد زبير چيو آهي ته هو پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪرڻ ۽ ڪراچيءَ جي ميئر سان اختيارن جو معاملو سمجھڻ جي ڪوشش ڪندس. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي محمد زبير جو چوڻ هو ته ڏکيا فيصلا ڪري ڪراچيءَ جو امن بحال ڪيو، اسان جي حڪومت جي لاءِ سڀ کان ڏکيو مسئلو ڪراچيءَ جو امن بحال ڪرڻ هو. محمد زبير جو چوڻ آهي ته اڄوڪو ڪراچي 2013ع واري ڪراچيءَ کان بلڪل مختلف آهي.