اسلام آباد(بيورو) گهرو وزارت پي ٽي آءِ اڳواڻ ذلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ واري معاملي تي وزير اعظم جي نوٽيس وٺڻ بعد رپورٽ تيار ڪري وزير اعظم هائوس ڇڏي. ذلفي بخاري جو نالو اي سي ايل ۾ شامل هو ۽ ٻه ڏينهن اڳ کيس عمران خان ۽ ان جي گهرواري سان گڏ چارٽرڊ جهاز جي ذريعي عمري جي ادائيگي لاءِ سعودي عرب روانو ٿيڻو هو پر ايف آءِ اي اختيارين سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل هئڻ سبب کيس ايئرپورٽ تي روڪي ڇڏيو هو. ذلفي بخاري پنهنجو نالو اي سي ايل مان ڪڍرائڻ لاءِ ڪافي ڪوشش ڪئي ۽ گهرو وزارت طرفان اجازت ملڻ تي هو عمران خان سان گڏ سعودي عرب روانو ٿي ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو وزارت ذلفي بخاري کي 6 ڏينهن لاءِ عمري تي وڃڻ جي اجازت ڏني هئي. نگران وزير اعظم جسٽس(ر) ناصر الملڪ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي ويجهي دوست ذلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ واري معاملي تي گهرو وزارت کان رپورٽ طلب ڪئي هئي. ذريعن موجب ذلفي بخاري وٽ ٻٽي شهريت آهي ۽ هن وٽ پاڪسان کان سواءِ برطانيا جي شهريت به آهي. ذريعن موجب ذلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ بابت وزير اعظم جي نوٽيس تي گهرو وزارت جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ان معاملي تي رپورٽ تيار ڪئي وئي، جيڪا وزيراعظم هائوس اُماڻي وئي آهي. ذريعن موجب رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جن ماڻهن جو نالا اي سي ايل جي بليڪ لسٽ ۾ شامل هجي انهن کي ون ٽائم پرميشن به ناهي ملندي ته پوءِ ذلفي بخاري کي ڪيئن پرميشن ڏني وئي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بليڪ لسٽ ۾ شامل ماڻهن جو نالو گهرو وزارت سان لاڳاپيل اداري جي اجازت کان سواءِ نٿو ڪڍي سگهجي، جنهن ان شخص جو نالو شامل ڪرايو هجي، جڏهن ته انهي شخص کي لاڳاپيل اداري جي اجازت کان سواءِ ون ٽائم پرميشن به نٿي ڏئي سگهجي.ذريعن موجب رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نيب ذلفي بخاري جو نالو بليڪ لسٽ ڪرڻ جو چيو هو پر ان جو نالو ڪڍڻ وقت نيب کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو ۽ کيس سڌو سنئو پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اي سي ايل جي بليڪ لسٽ مان نالو ڪڍڻ لاءِ گهرو وزارت کي ٽي کان چار ڏينهن گهربل هوندا آهن، پر ذلفي بخاري کي رڳو 26 منٽن ۾ ئي اجازت ڏني وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو وزارت جي رپورٽ کي وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو،