دُنيا جون ٽرمپ مان “اُميدون” ۽ پينٽاگون جا “پاور”
November 14, 2024 at 2:33 amڊونالڊ ٽرمپ ٻيون دفعو آمريڪا جو صدر چونڊجي ويو آهي. هن وقت ٽرمپ جي کٽڻ بعد سموري دنيا ۾ ٽرمپ جي پرڏيهي پاليسي، خاص ڪري غزه جنگ، ايران-اسرائيل جنگ، يوڪرين جنگ، چين، چين مٿان ٽيڪس، پاڪستان بابت ٽرمپ جي پاليسي، افغان پاليسي، ڀارت بابت ٽرمپ جو رويو وغيره اهي ڪجھ اهڙا سوال آهن جيڪي اڄ هر ڪنهن جي ذهن ۾ آھن. هڪ حلقو ماڻھن جو اهڙو به آهي، جيڪو سمجهي ٿو ته ٽرمپ جي اچڻ سان دنيا ۾ جهڙوڪ انقلاب اچي ويو آهي. آمريڪا ۾ ٽرمپ نه پر وڏي ڪنھن انقلابي جي فتح ٿي آهي! اهي ماڻھو سمجهن ٿا ته بس ٽرمپ اچي ويو آهي ۽ اِجهو ٿو اسرائيل جي امداد بند ڪري ۽ اسرائيل جيڪو آمريڪا جي پيسن، امداد ۽ هٿيارن جي ڏڍ تي جيڪي مستيون ويٺو ڪري، سي سڀ بند ٿي وينديون. سندن اهو به خيال آهي ته يوڪرين کي آمريڪا جيڪي مدد ڏئي رهيو آهي، ٽرمپ جي اچڻ سان اها به بند ٿي ويندي ۽ ائين دنيا مان جنگين جو خاتمو ايندو. هِي جيڪي ڊيموڪريٽ حڪمران آمريڪا ۾ ويٺا هئا، اهو جنگي جنون سندن پيدوار آهي، انھن جي وڃڻ سان دنيا امن ۽ شانتي سان وقت گذاريندي. ٻئي پاسي پاڪستان ۾ به تحريڪ انصاف جيڪا، “ڪيا هم غلام هين…”، ”ايبسليوٽلي ناٽ“ ۽ “حقيقي آزادي” جا پر فريب نعرہ ڏيندڙ آهي، ان جا حمايتي به سمجھن ٿا ته، ٽرمپ جي اچڻ سان سندن ليڊر عمران خان جيل مان آزاد ٿي ويندو.
اردو جي مشھور شاعر فيض احمد فيض جي هڪ طويل نظم جي سِٽِ آهي ته، “يُون نه تھا مگر ميني چاها تھا يون هو جائي…..” سو عمران خان جي حمايتين جي خوش فهمي پنھنجي جاءِ تي، پر هِي جيڪا جنگين جي خاتمي ۽ دنيا جي ‘باغ بهار’ ٿيڻ جون وڻندڙ ڳالھيون آھن، سي ڪاش حقيقت هجن ها پر دراصل اُنھن جو حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي. ٽرمپ جي مستقبل جي پرڏيھي پاليسي ڪهڙي هوندي، اها ڪهڙن بُنيادن تي هوندي؟ اُنھن سوالن کان پھرين اچو ته غزه جنگ جي موجوده صورتحال کي ڏسجي ۽ بعد ۾ ڏسجي ته ٽرمپ جو ان ڏانھن رويو ڇا هوندو.
هڪ سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود آمريڪي امداد وسيلي غزه مٿان جاري اسرائيلي بربريت سبب هن وقت تائين هزارين فلسطيني شھيد ٿي چڪا آهن. برائون يونيورسٽيءَ جي محققن جي هڪ تحقيق موجب، آمريڪي حڪومت آڪٽوبر 2023ع کان هن وقت تائين غزه جنگ لاءِ، لکين ماڻھن کي بي گھر ڪرڻ لاءِ، هزارين بيگناھ فلسطينين جو ناحق خون وهائڻ لاءِ آمريڪا اسرائيل کي 17.9 بلين ڊالرز جي امداد جاري ڪري چڪو آهي. آمريڪا طرفان جاري ڪيل اها امداد 1959ع کان آمريڪا طرفان اسرائيل کي ڏني ويندڙ سڀ کان وڏي امداد آهي. ٽرمپ هجي يا ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جو صدر بائيڊن يا ڪملا هيرس هجي، فلسطينين جي قتل ۽ اسرائيل جي حمايت ۾ ٻنھي جي پاليسي ساڳي آهي. 2024ع جي صدارتي چونڊن جي جلسن ۾ ڪملا هيرس ۽ ٽرمپ پنهنجي تقريرن ۾ مقابلو ڪندا هئا ته ڪير اسرائيل جو وڏو حمايتي آهي. ٻئي هڪٻئي کان گوءِ کٽڻ جي چڪر ۾ هوندا هئا ته هو وڏو اسرائيل جو حمايتي ۽ وفادار آهي. ڪنھن کي ياد هجي يا نه پر خود ٽرمپ به پنھنجي تقريرن ۾ ان ڳالهه جو اظھار ڪري چڪو آهي ته هن يروشلم کي اسرائيل جو گادي هنڌ تسليم ڪيو. هن وقت به ٽرمپ جا نيتن ياهو سان سُٺا لاڳاپا آهن. ڪُجھ تجزيي نگارن جو ته اهو به خيال آهي ته نيتن ياهو بائيڊن جي دور صدارت ۾ ڪنھن سمجهوتي يا جنگبندي لاءِ ان ڪري به راضي نه هو جو هُو اهو ڪريڊٽ بائيڊن بدران ٽرمپ جي نالي ڪرڻ جو خواهشمند آهي. جيتري قدر چين بابت ٽرمپ جي پاليسيءَ جو سوال آهي ته، ٽرمپ پنهنجي گذريل صدارتي دور جيان هن دفعي به چين مٿان سخت پابنديون لڳائيندو. هن پنھنجي آس پاس انتھائي چين مخالف ماڻھو گڏ ڪيا آهن. پنھنجي گذريل دور صدارت جيان ٽرمپ هن دفعي به چين تي Trade Tariff لڳائيندو. آمريڪي پرڏيھي پاليسي تي نظر رکندڙ ڪيترن ئي ماهرن جو خيال آهي ته، ٽرمپ جو هي دور چين مٿان وڌيڪ پابندين وارو هوندو. ان مسئلي تي به ڊيموڪريٽڪ ۽ ريپبلڪن هڪ پيج تي آهن. باقي جيتري قدر پاڪستان بابت ٽرمپ جي پاليسيءَ جو سوال آهي ته ان ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ پاڪستان جي تعلقاتن جي تاريخ کي ڏٺو وڃي ته آمريڪا هميشه پنھنجي مفادن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان سان لاڳاپا جوڙيا آهن. جڏهن آمريڪا کي پاڪستان جي ضرورت هوندي آهي، تڏهن آمريڪا پاڪستان جو دوست بڻجي ويندو آهي، نه ته “ڪم لٿو، ڪاڳر ڦاٽو” واري ڪار هوندي آهي.
ان کان علاوه هڪ غلط فهمي جيڪا پيدا ڪئي وئي آهي، ان کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اها هِيءَ ته ڪو ٽرمپ پاڪستان جو دوست ۽ حمايتي آهي. دراصل ٽرمپ پنهنجي صدارتي دور ۾ افغانستان مان واپسي ڪرڻ پئي چاهي، جنھن لاءِ هن کي پاڪستان جي ضرورت هئي ۽ اتفاق سان ان وقت پاڪستان ۾ عمران خان وزير اعظم هو، تڏهن ئي ٽرمپ پاڪستان کي ويجهو ٿيو پر بعد ۾ اهو ئي ٿيو. اهو ڪم ٿيڻ کانپوءِ ٽرمپ ۽ آمريڪا پٺيان پاڪستان کي ڏٺو ئي ڪو نه!
هتي هڪ ڳالهه اهم ياد رکڻ گُھرجي ته، آمريڪي پرڏيھي پاليسيءَ کان ويندي جنگيون وغيره اهي ڪنھن آمريڪي صدر يا حڪومت جون پاليسيون ناهن. اھي آمريڪي Deep state جون پاليسيون آهن. اھي سڀ پينٽاگون طئي ڪندو آهي.