راولپنڊي (م ڊ): آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ديرپا امن ۽ استحڪام لاءِ نوجوان نسل کي معياري تعليم جي فراهمي کان وڌيڪ ڪجهه ناهي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سوات جو دورو ڪيو، جتي هن ڪينٽ ۾ آرمي پبلڪ اسڪول ۽ ڪاليج جو افتتاح ڪيو، مقامي عمائدين سوات ڪينٽ ۽ اسڪول ۽ ڪاليج جي قيام تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جا ٿورا مڃيا، ان موقعي تي آرمي چيف جو چوڻ هيو ته ديرپا امن ۽ استحڪام لاءِ نوجوان نسل کي معياري تعليم جي فراهمي کان بهتر ڪجهه ناهي، پاڪ فوج ترجمان موجب آرمي پبلڪ اسڪول پاڪ فوج طرفان سوات جي عوام لاءِ دهستگردي خلاف جنگ ۾ قربانين جو تحفو آهي، سوات ۾ آرمي پبلڪ اسڪول جو ڪيمپس جديد ترين سهولتن سان ڀريل آهي، جنهن ۾ اسپورٽس اسٽيڊيم ۽ آڊيٽوريم به شامل آهي.