نواب شاهه/ دوڙ (رپورٽر) دوڙ ڀرسان مساف ڪوچ ۽ وئن ۾ ٽڪر سبب هڪ مسافر فوت ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. نواب شاهه کان پڊ عيدن ويندڙ وئن ۽ حب چوڪيءَ ويندڙ مسافر ڪوچ ۾ مهراڻ هاءِ وي تي زوردار ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ مسافر فوت ٿي ويو، جڏهن ته حادثي ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. حادثي جي زخمين ۾ ذيشان شيخ، مسمات راڻي، مٺل ڏاهري، مسمات ارباب زادي، محمد رفيق، الهڏنو، غفار، عامر ۽ غلام عباس شامل آهن، جِن کي دوڙ اسپتال منتقل ڪيو ويو. حادثي جي ٽن زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاهه اسپتال نيو ويو آهي. پوليس حادثي جو شڪار ٻنهي گاڏين کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.