دولتپور ۾ پوليس جا مختلف هنڌن تي ڇاپا، ڪچو شراب هٿ

نواب شاهه(ڊ ر) دولتپور پوليس شهر جي مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي ڪچو شراب، هٿيار ۽ ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون هٿ ڪري ورتيون آهن. دولتپور پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته شراب جي هڪ بٺيءَ تي ڇاپو هڻي 500 ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪيو ويو آهي. دولتپور پوليس ٻه رپيٽر ۽ ڦر ٿيل ٻه موٽر سائيڪلون به هٿ ڪري ورتيون آهن. دولتپور پوليس موجب ٽن جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، جن جي قبضي مان چرس جو وڏو مقدار هٿ آيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *