لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سر بچائيندڙ دوائن جي اگهن ۾ 100 سيڪڙو واڌ جي خلاف درخواست ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. تفصيل موجب لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سر بچائيندڙ دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي خلاف درخواست داخل ڪئي وئي جنهن ۾ وقف اختيار ڪيو ويو ته دوائون بڻائيندڙ ڪمپنين حڪومتي نوٽيفڪيشن جي آڙ ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته سر بچائيندڙ دوائن جي اگهن ۾ حڪومت 9 کان 15 سيڪڙو واڌ ڪئي ۽ ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي طرفان دوائن بڻائيندڙ ڪمپنين جي خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي وئي. درخواستگذار اپيل ڪئي ته عدالت دوائن جي اگهن ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪندڙ ميڊيسن ڪمپنين جي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي. درخواست ۾ وفاقي حڪومت ۽ ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو. عدالت سر بچائيندڙ دوائن جي اگهن ۾ 100 سيڪڙو واڌ جي خلاف درخواست ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.