دهشتگرد ڪنهن رعائت جي لائق نه آهن، اهي انسانيت جي نالي تي بدنما داغ آهن : سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد (اين اين آءِ) سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني چمن آپگھاتي ڌماڪي جي ڀرپور مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد ڪنهن به رعائت جا حقدار نه آهن. اهي انسانيت جي نالي بدنما داغ آهن. ميان رضا رباني وڌيڪ چيو ته انسانيت دشمنن جون بزدلاڻيون ڪاروايو قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگھن. ميان رضا رباني شهيد ٿيندڙن ايس پي پوليس ۽ جوانن لاءِ دعا مغفرت ۽ ڏکايل خاندانن لاءِ صبر جي دعاڪئي. ڊپٽي چيئرمين سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري سينيٽ ۾ قائد ايوان راجا محمد ظفرالحق،چوڌري اعتزاز احسن به چمن آپگھآتي ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي. پنهنجي الڳ الڳ تعزيتي پيغام ۾ ان کي هڪ بزدلاڻون فعل قرار ڏنو، انهن واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ لاءِ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومين کي جنت ۾ جاءِ ڏئي ۽ڏکايل خاندان کي صبر ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *