انقره(م ڊ) وزير اعظم ميان نواز شريف ترڪي جي وزير اعظم بن علي يلدرم سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد اسان جي عزم کي ڪمزور نه ٿي ڪري سگهي، وزير اعظم چيو ته دهشتگردن سنڌ اندر صوفي بزرگ لعل شهباز قلندر جي مزار تي حملو ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته اهي امن جا دشمن آهن، هن چيو ته اسان هر قسم جي دهشتگرديءَ جي مذمت ڪريون ٿا، وزير اعظم ترڪي جي وزير اعظم بن علي يلدرم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ چيو ته گذريل سال ۱۵ جولاءِ تي ترڪي اندر ٿيل افسوسناڪ حملن جي مذمت ڪريان ٿو، ترڪي جي عوام ثابت ڪيو آهي ته اهي ٽينڪن کان وڌيڪ مضبوط ۽ طاقتور آهن، ترڪي اندر ٿيندڙ بغاوت کي ناڪام ڪرڻ دوران شهيد ٿيندڙ ترڪي نوجوانن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو، وزير اعظم نواز شريف چيو ته ترڪي جي عوام پاران ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي حمايت واري اعلان تي ترڪي جي عوام جو ٿورائتو آهيان، وزير اعظم جو چوڻ هو ته ترڪي جا دشمن پاڪستان جا دشمن آهن، دهشتگرد اسان ٻنهي ملڪن جا گڏيل دشمن آهن ۽ دهشتگردن خلاف جنگ جي حمايت ڪندارهنداسين، وزير اعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان ترڪي سان دفاع واري شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي، اميد آهي ته ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي قيادت ۾ ترڪي جو ڪاميابي وارو سفر جاري رهندو، وزير اعظم نواز شريف ترڪي ۾ ٿيندڙ اعليٰ سطحي ڪانفرنس جي پنجي اجلاس کي ڪامياب قرار ڏيندي چيو ته بهترين مهمان نوازي تي ترڪي جي عوام جو ٿورائتو آهيان، ترڪي منهنجو ٻيو گهر آهي.