دهشتگردي ۽ مذهبي انتهاپسندي ملڪ لاءِ ناسور بڻجي وئي آهي؛جلال شاهه

ڪراچي(پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه ڪالهه 16 فيبروري تي سيوهڻ شريف ۾ صوفي اولياءَ لعل شهباز قلندر جي درگاهه ۾ ٿيل دهشتگردي جي سخت لفظن ۾ مذمت ۽ قيمتي انساني جانين جي ذيان تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. سيوهڻ شريف سانحو انتهائي دل ڏکوئيندڙ واقعو آهي. سنڌ ڌرتي محبت ۽ امن ڀائيچاري جو درس ڏيندڙ صوفي بزرگن ۽ اوليائن جي ڌرتي آهي. دهشتگردي ۽ مذهبي انتهاپسندي ملڪ لاءِ ناسور بڻجي وئي آهي. حڪمرانن هوش کان ڪم نه ورتو ته اهي دهشتگرد اڃا به ڪنهن وڌيڪ ڏکوئيندڙ عمل ڪرڻ کان ڪين ڪيٻائيندا. خميس ڏهاڙي تي ٿيل هن هولناڪ سانحي خلاف سڄي سنڌ جي پرامن ماڻهن سان سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ ان جا ڪارڪن هن ڏک جي گهڙيءَ ۾ برابر جا شريڪ آهن. سيدجلال محمود شاهه چيو ته هـُو دهشتگردي،  مذهبي انتهاپسندي ۽ ڪرپشن جي سخت نندا ڪن ٿا ۽ اهڙي ئي صورتحال جو نقشو چٽجڻ سبب سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي اڳ ئي 26 فيبروري آچر ڏهاڙي ڪراچي نمائش چوڪ کان صدر تائين “سنڌ مارچ” جي نالي ۾ عوامي ردعمل پيش ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي، جنهن ۾ يقين آهي ته سنڌ جا ماڻهو وڌ کان وڌ شريڪ ٿي اهڙي قسم جي دهشتگردي ۽ مذهبي انتهاپسندي توڙي رشوت خوري خلاف پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندا. ٻئي طرف ايس يو پي سينيئر نائب صدر سيد زين شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري روشن علي ٻرڙو پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾  ڀان سيد آباد ۾ سيوهڻ سانحي خلاف ايس يو پي جي پرامن مظاهري تي پوليس جي لٺبازي ۽ شيلنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي  آءِ جي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته پوليس گردي تي ضابطو آندو وڃي ۽ ملوث اهلڪارن خلاف فوري طور ڪارروائي ڪئي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *