دهشتگردي خلاف جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان،قوم آزادي ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائي؛آرمي چيف

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد چيو آهي ته دهشتگردي کي مڪمل شڪست ڏيڻ لاءِ سڀني ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، شهيدن پاڪستان ۾ امن برقرار رکڻ لاءِ پنهنجون حياتيون قربان ڪيون، سڄي قوم پنهنجي حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙ بهادر جوانن جي قربانين کي آزادي جي موقعي تي خراج پيش ڪندي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا گذريل شام ڪوئيٽا ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل اهلڪارن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي ۽ زخمين جي عيادت به ڪئي، جڏهن ته کيس ڌماڪي بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته شهيدن پرامن ۽ مضبوط پاڪستان لاءِ پنهنجون حياتيون قربان ڪيون. قوم سندن قرباني جي اعتراف ۾ آزادي وارو ڏهاڙو ڀرپور طريقي سان ملهائيندي. دهشتگردي خلاف پاڪ فوج جي جدوجهد جاري رکندي.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *