دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي: آرمي چيف

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته امن، استحڪام ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا گهرواري سان گڏ ٽانڪ ۾ سرچ آپريشن دوران شهيد ٿيل ڪرنل مجيب الرحمان جي گهر پهتو.ان موقعي تي آرمي چيف ۽ سندس گهرواري شهيد ڪرنل لاءِ فاتحه خواني ڪئي.پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته شهيدن جون قربانيون ڪنهن به صورت ضايع نه وينديون، امن، استحڪام ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *